Book Name:Shoq e Madina
ڪرڻ وارو مهربان لهن. قرآنِ ڪريم ته پاڻ گنھگارن کي پنهنجي حبيب جي درٻار ۾ گهرائي رهيو آهي ۽ ڪريمن جو هي شان ناهي ته پنهنجي دروازي تي گهرائي خالي هٿين واپس موٽائي ڇڏين.
تجھ سے چھپاؤں مُنھ تو کروں کس کے سامنے کیا اور بھی کسی سے تَوَقُّع نَظر کی ہے [1]
وضاحت: اي حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ توهان کان منهن لِڪائي ڪري مان ڪنهن جي اڳيان پنهنجي حاجت کڻي ويندُس، ڪير منهنجو ڪارو چهرو ڏسندو، ڇا توهان کان سواءِ اسان جي لاءِ ٻيو ڪير آهي؟ جنهن کان اسان مهرباني ۽ توجھ جي اميد رکون، جيڪو اسان جي خالي جهولين کي ڀري سگهي؟ نه نه توهان کان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي.
اهڙيءَ طرح جي هڪ روايت علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه عُيونُ الحڪايات ۾ به نقل ڪئي آهي: حضرت محمد بن حرب هِلاليرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بيان ڪن ٿا: هڪ ڀيري آقا ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي تي حاضر هئس، مون ڏٺو! هڪ ڳوٺاڻو (يعني عرب جي ڳوٺ جو رهڻ وارو) درٻارِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھِ بيڪَس پناھ ۾ عرض ڪيائين: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله پاڪ توهان تي جيڪو سچو ڪتاب نازل فرمايو آهي، ان قرآنِ پاڪ ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴)
(سيپارو: 5، سورة نساء: 64)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن اُهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبه قبول ڪرڻ وارو، مهربان لهن ها