Book Name:Shoq e Madina
ٻڌي ڪري به تازو ٿي ويندو آهي، عاشقن جو ايمان مديني جون شيون ڏسي ڪري مديني پاڪ کان آيل تبرڪات کي ڏسي ڪري مديني پاڪ جون کجورون کائي پنهنجي شهر ۾ رهي ڪري به انهن جو ايمان تازو ٿي ويندو آهي، ته جڏهن اهي مديني پهچندا ته پوءِ ايمان جي تازگيءَ جو عالم ڇا هوندو؟.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي مديني جو عشق نصيب فرمائي! مديني شريف جي يادن ۾ تڙپڻ گهرجي، مديني پاڪ جي حاضريءَ جي لاءِ بيقرار ٿيڻ گهرجي، مديني شريف جي سرزمين جي اهميت جو اندازو هن مان لڳايو ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن کان ٿي سگهي اهو مديني ۾ مَري، ڇوته مان مديني وارن جي شفاعت فرمائيندُس.[1]
حضرت مُحدّثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو عشقِ رسول ڪمال جو هو، جڏهن مديني شريف حاضري ڏنائون ته پاڻ ڪجھ وارَ ۽ ننهن شريف مديني پاڪ ۾ دفن ڪري ڇڏيا ۽ رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ ۾ مرڻ ته منهنجي وسَ ۾ ناهي. البت پنهنجي جسم جا ڪجھ عُضوا دفن ڪري وڃي رهيو آهيان جو اسان غريبن جي لاءِ اها ئي غنيمت آهي.[2]
طیبہ میں مر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند سیدھی سڑک یہ شہرِ شفاعت نگر کی ہے[3]
وضاحت: اي مديني جا زائر! هتي ئي ويٺا رهو ۽ هنيءَ دروازي تي عمر