Book Name:Shoq e Madina
يارَسُولَ الله! مان توهان جي شفاعت جو سوالي آهيان.
اَسْئَلُکَ الشَّفَاعَۃَ یَا رَسُوْلَ اﷲ
يارَسُولَ الله! مان توهان جي شفاعت جو سوالي آهيان.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مديني پاڪ جي حاضري جي لاءِ جلدي ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي جيڪا آيتِ ڪريمه اسان ٻنهي واقعن ۾ ٻڌي ته الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴)
(سيپارو: 5، سورة نساء: 64)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن اُهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبه قبول ڪرڻ وارو، مهربان لهن ها
هن آيت ڪريمه ۾ اسان گناھگارن جي بخشش ۽ مغفرت جو هڪ طريقو ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ٻانهي کان گناھ ٿي وڃي ته ان کي گهرجي ته درٻارِ رسالت ۾ حاضر ٿي وڃي، مصطفٰي ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري پاڻ به توبھ ڪري، الله پاڪ کان مغفرت جو سوال ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن به ان گناھگار جي لاءِ مغفرت جي دعا فرمائن ته ضرور الله پاڪ کي توبھ قبول ڪرڻ وارو بخشڻ وارو لهندا.
هن مان خبر پئي! مديني پاڪ ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي جي