Book Name:Shoq e Madina
گذاري ڇڏيو ۽ مطمئن ٿي وڃو ته سڌو جنّت ۾ ويندؤ ڇو جو هي جنّت جو رستو آهي.
الله پاڪ اسان کي مديني جو عشق نصيب فرمائي، مديني جو شوق نصيب فرمائي، ڪاش! مديني شريف ۾ باربار، باربار حاضري نصيب ٿئي، آخرڪار بقيع پاڪ ۾ ٻه گز زمين ملي وڃي، الله پاڪ اسان سڀني کي مديني جو عشق، مديني جو ذوق، مديني جو ذڪر، مديني جو فڪر، مديني جي ياد جي دولت نصيب فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! مديني جو عشق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سا وابسته ٿي وڃو، ۽ ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ (يعني مسلمانن کي نماز فجر جي لاءِ جاڳائڻ) پڻ آهي.
اي عاشقانِ رسول! مسلمانن کي فجر جي نماز جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ داؤدي آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ حيدري ۽ سنّتِ فاروقي آهي بهرحال مسلمانن جا ٻيان خليفا، حضرت عمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندي مسجد تشريف کڻي ايندا هئا.[1] اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
مديني جي حاضريءَ جي سعادت ملي وئي
پنجاب جي علائقي الٰه آباد (ضلع قصور) جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان