Shoq e Madina

Book Name:Shoq e Madina

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ    (ترجمو: مون سُنّت اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

درودِ پاڪ جي فضيلت

مشهور صحابيءِ رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، محمدِ عربيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو منهنجي قبر جي ويجهو مون تي سلام عرض ڪري، الله پاڪ ان تي هڪ ملائڪ مقرر فرمائيندو، جيڪو مون تائين ان جو سلام به پهچائيندو ۽ ان جي دنيا ۽ آخرت جي ڪمن جي ڪفايت به ڪندو ۽ ان سان گڏوگڏ قيامت جي ڏينهن ان (سلام عرض ڪرڻ واري) جي شفاعت پڻ ڪندو.[1]

اي عاشقانِ رسول! نهايت ئي عظيم سعادت آهي جو ٻانهي کي مديني پاڪ جي حاضريءَ جو موقعو نصيب ٿئي*جنهن پياري آقا، مديني واري مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جو اسان ڪلمو پڙهون ٿا *جنهن جي محبت دلين ۾ سجائي رکون ٿا * جنهن جي شفاعت جي اميد رکون ٿا *ان آقا ڪريم، رؤف الرحيم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جي نور واري روضي جي زيارت جو شرف نصيب ٿئي*سهڻيون ڄاريون هجن*هٿ ٻڌي ڪري*مٿو جهڪائي ڪري*دل ۾ مصطفٰي ڪريم جي ياد سجائي ڪري*لڙڪ وهائي ڪري*تڙپي تڙپي ڪري پنهنجي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ درٻار ۾ عقيدت ڀريو سلام عرض ڪري رهيا هجون، يقين ڪريو! هي سعادت ملي وڃڻ ئي


 

 



[1]... شعب الایمان، باب فی تعظیم النبی  ، جلد:2، صفحہ:218، حدیث:1583ملتقطاً۔