$header_html

Book Name:Shoq e Madina

جي لاءِ مديني پاڪ پهتو كَانَ حَقّاً عَلَيَّ اَنْ اَكُونَ لَهُ شَفِيعاً يَوْمَ الْقِيَامَةِ مون تي حق آهي ته مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪريان. [1]

قيامت جي ڏينهن آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڙو ملي

هڪ روايت ۾ فرمايائون: كَانَ فِي جِوَارِي يَوْمَ الْقِيَامَةِ يعني جيڪو خاص منهنجي زيارت جي لاءِ مديني پاڪ پهتو اهو قيامت جي ڏينهن منهنجي  جوارِ رحمت(رحمت وارو پاڙي) ۾ هوندو.[2]

هن حديثِ پاڪ  جي حوالي سان عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن حديث تي پورو پورو عمل تڏهن ٿيندو جڏهن ٻانهو مسجدِ نبوي جي به نيّت نه ڪري بلڪه ٻانهي کي گهرجي ته جڏهن مديني پاڪ جي طرف سفر شروع ڪري ته صرف ۽ صرف نوراني روضي جي زيارت جي نيّت ڪري، مسجدِ نبوي شريف ۾ نمازون پڙهڻ جي سعادت ضمناً ملي ويندي، مسجدِ قُبا ۾ نماز پڙهي ڪري عمري جو ثواب حاصل ڪرڻ جي سعادت به ضِمناً ملي ئي ويندي پر ان جي نيّت صرف هڪ ئي هجي ته مان روضي پاڪ جي زيارت جي لاءِ حاضر ٿيو آهيان. سُبْحٰنَ اللہ!

کعبہ کا نام تک نہ لیا طیبہ ہی کہا                                     پوچھا تھا ہم سے  جس نے کہ نَھْضَت کدھر کی ہے[3]

وضاحت: يعني جڏهن مون کان پڇيو ويو ته ڪيڏانهن جو ارادو آهي ته مون هي نه چيو ته حج تي وڃا ٿو، يا ڪعبي جي زيارت جي لاءِ وڃان ٿو بلڪه منهنجو هڪ ئي جواب هو ته مان ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ درٻار شريف ۾ وڃي رهيو آهيان.


 

 



[1]... معجم اوسط، من اسمہ عبدان، جلد:3، صفحہ:266، حدیث:4546 ۔

[2]... شُعب الایمان، باب فی المناسک، فضل الحج والعمرۃ، جلد:3، صفحہ:488، حدیث:4152۔

[3]... حدائق  بخشش، صفحہ:203۔



$footer_html