Shoq e Madina

Book Name:Shoq e Madina

ان ڳوٺاڻي هيءَ آيت پڙهڻ کان بعد عرض ڪيو: اي منهنجا ڪريم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!مان پنهنجي گناھن جي معافي جي لاءِ اوهان جي ڪرم واري درٻار ۾ حاضر ٿيو آهيان، اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجو شَفيغ (يعني شفاعت ڪندڙ بڻايا ٿو).

هي چئي ڪري اهو عاشقِ رسول ڳوٺاڻو روئڻ لڳو ۽ ان جي زبان تي هي اشعار جاري ٿي ويا:

يَا خَيْرَ مَنْ دُفِنَتْ باِلْقَاعِ اَعْظُمُهٗ                                                                          فَطَابَ مِنْ طِيْبِهِنَّ الْقَاعُ وَالْاَكَمْ

رُوْحِی الْفِدَاءُ لِقَبْرٍ اَنْتَ سَاكِنُهٗ                                                                            فِيْهِ الْعِفَافُ وَفِيْهِ الْجُوْدُ وَالْكَرَمْ

وضاحت: اي اها بهترين ذات! جنهن جو مبارڪ وجود هن زمين ۾ دفن ڪيو ويو ته ان جي عمدگي ۽ پاڪيزگي سان ميدان ۽ پهاڙ خوشبودار ٿي ويا. منهنجي جان قربان هن قبرِ انور تي جنهن ۾ اوهانصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آرامي آهيو، جنهن ۾ پاڪدامني، سخاوت ۽ عفو و ڪرم جو اڻ کٽ خزانو آهي

   اهو عاشق ڪافي دير تائين روئيندي هي شعر پڙهندو رهيو پوءِ پنهنجي گناھن جي معافي گهرندو لڙڪن سان آليون اکيون کڻي هليو ويو، حضرت محمد بن حَرب هِلاليرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن مان سُتس ته خواب ۾ ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت جو شرف مليو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مونکي فرمايو: اِلْحَقِ  الرَّجُلَ فَبَشِّرْہٗ اَنَّ اللہ َتَعَالیٰ قَدْ غَفَرَ لَہٗ بِشَفَاعَتِیْ يعني ان ڳوٺاڻي سان ملو ۽ ان کي خوشخبري ٻڌايو ته الله پاڪ منهنجي شفاعت جي برڪت سان ان ڳوٺاڻي جي مغفرت فرمائي ڇڏي آهي.[1]

سرگُزشتِ غم کہوں کس سے ترے ہوتے ہوئے              کس کے در پر جاؤں تیرا آستانہ چھوڑ کر

                                                                                                                  بخشوانا مجھ سے عاصی کا رَوا ہوگا کسے!              کس کے دامن میں چھپوں دامن تمہارا چھوڑ کر[2]


 

 



[1]... عیون الحکایات، جلد:2، صفحہ:308۔

[2]... ذوق نعت ، صفحہ:133-134ملتقطاً۔