Book Name:Shoq e Madina
امّت جي حق ۾ هاڻي به ڪرم فرمائيندا آهن
سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! هنن ٻنهي واقعن تي ٿورو غور ڪريو! هڪ واقعو صحابيءِ رسول جو آهي، هڪ واقعو ڪنهن خوش نصيب عاشقِ رسول جو آهي، هنن ٻنهي واقعن تي غور ڪريو! هنن مان واضح خبر پئي ته اسان جا ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي امّت سان ڪيڏي محبت فرمائن ٿا، ڪيڏا رحيم آهن، ڪيڏا ڪريم آهن، ٿورو سوچيو ته سهي! جڏهن اسان جا ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، تڏهن به رَبِّ هَبْ لي اُمَّتِي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان تي هو، جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، امّت جي غم ۾ غمگين رهندا هئا، جڏهن ظاهري دنيا مان پردو فرمايائون، تڏهن به رَبِّ هَبْ لي اُمَّتِي پاڻ سڳورن جي زبان تي هو، ۽ هاڻي جڏهن ته مزار شريف ۾ تشريف فرما آهن، الحمد لله! هاڻي به حيات آهن، ڪرم به فرمائين ٿا، گناھگارن جي بخشش به ڪرائين ٿا، شفاعت به فرمائن ٿا، امّت جي حالات کان آگاھ به آهن ۽ نصيب به سنوارين ٿا.
جن کا نہ بھاؤ کوئی دُنیا میں پوچھتا ہو سینے سے ان کو آقا اپنے لگا رہے ہیں
اُمّت کے حال سے ہیں آگاہ ہر گھڑی آپ خوابوں میں آرہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں[1]
اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، امامِ عشق و محبت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن به ڪمال ڪيو آهي، لکن ٿا:
دُنیا مزار حشر جہاں ہیں غفور ہیں ہر منزل اپنے چاند کی منزلِ غَفْر کی ہے[2]
وضاحت: هي جيڪو چنڊ آسمان تي نڪري ٿو، ان چنڊ جون مختلف منزلون آهن، انهن مان هڪ جو نالو غَفر آهي. جڏهن چنڊ منزلِ غَفر ۾ هوندو آهي، ان