$header_html

Book Name:Shoq e Madina

شفاعت واجب ٿي وئي...!

سنن دارِ قطني ۾ روايت آهي: الله پاڪ جي رسول، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ زَارَ قَبْرِي وَجَبَتْ لَهُ شَفَاعَتِي جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي.[1]

طیبہ میں مر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند                      سیدھی سڑک یہ شہرِ شفاعت نگر کی ہے[2]

وضاحت: يعني اي زائرينِ مدينه! هتي ويٺا رهو ۽ هن ئيءَ چائنٺ تي پنهنجي عمر گذاريو ۽ مطمئن ٿي وڃو ته سڌو جنّت ۾ ويندؤ ڇوته  هي جنّت جو رستو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! اعلٰي حضرت جا والدِ محترم مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان ٻه ايمان افروز مدني گلَ ذڪر فرمايا آهن، اچو انهن جو خلاصو ٻڌون ٿا:

ايمان جي حفاظت جو هڪ مضبوط ذريعو

 مدني گل1:  هتي هڪ سوال ذهن ۾ ايندو آهي، اهو هي ته اسان جي ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: شَفَاعَتِي لِاَهْلِ الْكَبَائِرِ مِنْ اُمَّتِي يعني منهنجي شفاعت منهنجي امّت مان ڪبيره گناھ ڪرڻ وارن جي لاءِ آهي.[3] ۽ هڪ ٻيءَ روايت ۾ هي به آهي ته جيستائين مان پنهنجي هر امّتيءَ کي جهنّم مان ڪڍي ڪري جنّت ۾ داخل نه ڪرايان، ان وقت تائين مان راضي نه ٿيندُس. [4]


 

 



[1]... سنن دار قطنی، کتاب الحج، باب المواقیت، جلد:1، صفحہ:217، حدیث:2669۔

[2]... حدائق  بخشش، صفحہ: 222۔

[3]... ابوداؤد، کتاب السنۃ، باب فی الشفاعۃ، صفحہ:746، حدیث:4739۔

[4]... سبل الہدی، الباب الثانی عشر، جلد:2، صفحہ:272۔



$footer_html