$header_html

Book Name:Shoq e Madina

جيڪو ڪجھ توهان الله پاڪ کان ٻڌو آهي، اهو اسان توهان کان ٻڌو آهي، يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَوْ اَنَّهُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَهُمْ جَآءُوْكَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰهَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا(۶۴)

(سيپارو: 5، سورة  نساء: 64)

ترجمو ڪنزالعرفان:جيڪڏهن اُهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبه قبول ڪرڻ وارو، مهربان لهن ها

ان ڳوٺاڻي عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون پاڻ تي ظلم ڪيو آهي (يعني مون کان گناھ ٿي ويو آهي) توهان جي بارگاھ بيڪس پناھ ۾ حاضر ٿيو آهيان ته جيئن توهان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي لاءِ استغفار (يعني مغفرت جي دعا فرمايو).

سُبْحٰنَ اللہ! ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي  ڪرم تي قربان وڃون! هيڏانهن ڳوٺاڻي عرض ڪيو هوڏانهن  قبرِ انور مان آواز آيو: قَدْ غُفِرَ لَکَ  تنهنجا گناھ بخشيا ويا آهن.[1]

مجرم بُلائے آئے ہیں  جَآءُوْکَ ہے گواہ               پھر رَد ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے[2]

وضاحت: يعني قرآنِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن اهي پنهنجين جانين تي ظلم ڪن ته اي محبوب توهان جي حضور حاضر ٿين ۽ پوءِ الله پاڪ کان معافي گهرن ۽ رسول انهن جي شفاعت فرمائن ته ضرور الله پاڪ کي تمام گهڻو توبھ قبول


 

 



[1]... کنز العمال، کتاب الاذکار، جز:2، جلد:1، صفحہ:166، حدیث:4319۔

[2]... حدائق بخشش، صفحہ:205 ۔



$footer_html