$header_html

Book Name:Shoq e Madina

جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي ايمان جي حفاظت به فرمائيندا ۽ ان کي شفاعت ضرور ملندي.[1]

محشر میں حساب آہ! میں دے ہی نہ سکوں گا         رحمت نہ ہوئی ہو گا جہنّم میں ٹھکانا

فرمائیں گے جس وقت غلاموں کی شفاعت          میں بھی ہوں غلام آپ کا مجھ کو نہ بھلانا

فرما کے شفاعت مری اے شافعِ محشر                دوزخ سے بچا کر مجھے جنّت میں بسانا

مصطفٰي جي شفاعت! مرحبا...! مرحبا...!!

مدني گل2: اي عاشقانِ رسول! هن حديث پاڪ ۾ هڪ ٻيو ايمان افروز مدني گل آهي، اهو هي ته ميدانِ محشر ۾ شفاعت تمام گهڻا ماڻهو ڪندا. شفاعتِ ڪبرٰي اسان جي آقا ۽ مولا مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خاصو آهي يعني شروع ۾ شفاعت جو دروازو ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کوليندا، ان کان بعد ٻيا نبي به شفاعت ڪندا، ملائڪ به شفاعت ڪندا، علما به شفاعت ڪندا، شهدا به شفاعت ڪندا، حاجي به شفاعت ڪندا، باعمل حافظِ قرآن به شفاعت ڪندا.

پر مدينهءِ منوره حاضري ڏيڻ وارن جو شان ئي نرالو آهي، ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ زَارَ قَبْرِي وَجَبَتْ لَهُ شَفَاعَتِي يعني جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي.[2]

هتي لفظ شَفاعتي آهي، ان جو مطلب هي بڻجي ٿو ته روضي پاڪ جي زيارت ڪرڻ واري جي شفاعت عالم سڳورا نه ڪندا،  ملائڪ نه ڪندا، شهيدَ نه ڪندا، حاجي يا حافظ نه ڪندا بلڪه ان جي شفاعت پاڻ تاجدارِ انبيا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائيندا.[3]


 

 



[1]... جواہر البیان فی اسرار الارکان، صفحہ: 206،205ملتقطاً۔

[2]... سنن دار قطنی، کتاب الحج، باب المواقیت، جلد:1، صفحہ:217، حدیث:2669۔

[3]... جواہر البیان فی اسرار الارکان، صفحہ:205ملتقطاً۔



$footer_html