Book Name:Shoq e Madina
مقامات جي معلومات وغيره پڻ شامل آهي*هن موبائل ايپليڪيشن جو هڪ نهايت اهم فيچر هي آهي ته هن ۾ ٿري ڊي وڊيوز (D Video3) جي ذريعي حج ۽ عمري جو عملي طريقو به سيکاريو ويو آهي. هن ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، هن مان فائدو وٺو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
ٻه فرامين آخري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: (1): عمامي سان ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) 10 هزار نيڪين جي برابر آهي.[2] (2): عمامو ٻڌو توهان جو حِلم وڌندو.[3]
پيارا اسلامي ڀائرو!عمامو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو*جنهن ان جو اُبتڙ ڪيو (يعني عمامو ويهي ٻڌو ۽ پاجامو بيهي پاتو) اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي ڪا دوا ناهي (يعني طبيبن کي دوا جو علم ناهي)*عمامو