Book Name:Shoq e Madina
جو خلاصو آهي: الحمد لله! مان دعوتِ اسلاميءَ جي ديني ماحول سان وابسته ته هئس پر ديني ڪمن جي سلسلي ۾ سُستي جو شڪار هئس، هڪ ڏينهن ذميدار اسلامي ڀاءُ مونکي سمجهائيندي ديني ڪم ڪرڻ ۽ خاص طور فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ واري ديني ڪم جي خوب پابندي ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، الحمد لله! منهنجو ذهن بڻجي ويو ۽ مان اڳئين ئي ڏينهن ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. فجر جي لاءِ مسلمانن کي جاڳائڻ شروع ڪيو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب محمدِ عربيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم ٿي ويو، قسمت جو تارو هيئن چمڪيو جو انهي سال مونکي مديني پاڪ جي حاضري جي سعادت نصيب ٿي وئي، ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو منهنجي وڏي ڀاءُ کي به حج جي سعادت نصيب ٿي وئي.
عطائے حبیبِ خُدا مدنی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا مدنی ماحول
سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہُ! تم اپنائے رکھو سدا مدنی ماحول
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حج ۽ عمره موبائل ايپليڪيشن جو تعارف
اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلاميءَ جي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ جي طرفان مختلف موبائل ايپليڪيشنون جاري ٿي ڇڪيون آهن، انهن مان هڪ ايپليڪيشن آهي: hajj &umrah (حج ۽ عمره).
هن ايپليڪيشن جي مدد سان توهان حج ۽ عمري جو مختصر طريقو*حج ۽ عمري جا ضروري شرعي مسئلا وغيره ڄاڻي سگهندؤ*هن کان علاوه هن موبائل ايپليڪيشن ۾ حج ۽ عمري جون دعائون*حرمين شريفين مُقدَّس