Book Name:Shoq e Madina
اي عاشقانِ رسول! اچو مديني پاڪ حاضر ٿي ڪري روضي مبارڪ جي زيارت ڪرڻ جي هڪ ٻئي خوبصورت فضيلت ٻڌون ٿا: حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدنيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ حَجَّ حَجَّةَ الاِسْلامِ وَزَارَ قَبْرِي وَغَزَا غَزْوَةً وَصَلَّى عَلَيَّ فِي بَيْتِ الْمَقْدِسِ جنهن حج ڪيو ۽ منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ۽ ان جهاد ۾ شرڪت ڪئي ۽ بيت المقدس ۾ رهي ڪري مون تي دورود پڙهيو لَمْ يَسْاَلْهُ اللَّهُ عَمَّا افْتَرَضَ عَلَيْهِ ته ان کان قيامت جي ڏينهن فرضن بابت سوال نه ٿيندو.[1]
حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هي 4 ڪم ارشاد فرمايا آهن: (1): جنهن حج ڪيو (2): جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي (3): جنهن جهاد ۾ شرڪت ڪئي (4): جنهن بيت المقدس (يعني مسجدِ اقصٰي ۾ وڃي ڪري) مون تي درود پاڪ پڙهيو. هي 4 ڪم جيڪو ٻانهو ڪندو ان کان قيامت جي ڏينهن فرضن بابت به سوال نه ٿيندو، عالم سڳورا هي به فرمائن ٿا ته مطلب هي ناهي ته جنهن هي چار ڪم ڪيا ان کي ئي هيءَ فضيلت ملندي، ايئن ناهي بلڪه انهن 4 ڪمن مان هڪ ڪم به جيڪو ٻانهو ڪندو ان کي به هيءَ فضيلت ملندي*جيڪو ٻانهو حج ڪري ان کان به قيامت جي ڏينهن سوال نه ٿيندو*جيڪو مصطفٰي ڪريم جي روضي جي زيارت ڪري ان کان به قيامت جي ڏينهن سوال نه ٿيندو*جيڪو جهاد ۾ شرڪت ڪري ان کان به سوال نه ٿيندو*۽ جيڪو بيت المقدس ۾ وڃي ڪري اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پڙهي ان کان به قيامت جي ڏينهن سوال نه ٿيندو.