$header_html

Book Name:Shoq e Madina

ٻن مقبول حجن جو ثواب

الله ڪريم جي محبوب، اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ حَجَّ  إلَى مَكَّةَ ثُمَّ قَصَدَنِي فِي مَسْجِدِي كُتِبَتْ لَهُ حِجَّتَانِ مَبْرُورَتَانِ  جيڪو ٻانهو مڪهءِ مڪرمه پهتو، حج ڪيائون پوءِ ان، منهنجي مسجد جو ارادو ڪيو، (يعني مديني پاڪ پهتو) ان جي لاءِ ٻن مقبول حجن جو ثواب لکيو ويندو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ڪريو! هڪ حج ڪرڻ تي ڪيڏي محنت لڳندي آهي، لکين رپيا خرچ ٿيندا، سفر جي مشقت برداشت ڪبي آهي، ڪعبي جو طواف ڪرڻو پوندو، صفا ۽ مروه جي سَعي ڪئي ويندي، مِنٰي ۾ قرباني ڪئي ويندي، مُزدلفه ۾ قيام ٿيندو، ميدانِ عرفات ۾ قيام ٿيندو، ايتريون تڪليفون ۽ لکين رپيا خرچ ڪيا، ان جي باوجود حج قبول ٿيو يا نه؟ ڪير به نه ٿو ڄاڻي پر هي فضيلت ڏسو! جيڪو ٻانهو حج ڪري، حج ڪرڻ کان پوءِ مديني پاڪ پهچي ته ان کي هڪ نه ٻن حجن جو ثواب ملندو ۽ حج به اهو جنهن جي متعلّق شڪ ناهي ته قبول ٿيو به اَلائي نه بلڪه ٻن مقبول حجن جو ثواب ان کي ڏنو ويندو.

حاجیو! آؤ شہنشاہ کا رَوضہ دیکھو                 کعبہ تو دیکھ چکے کعبَہ کا کعبَہ دیکھو[2]

ايمان مديني ڏي سمٽجي ويندو

بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي: حضرت ابو هريره رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه روايت ڪن ٿا: اِنَّ الْاِيمَانَ لَيَاْرِزُ اِلَى الْمَدِينَةِ كَمَا تَاْرِزُ الْحَيَّةُاِلَى جُحْرِهَا بيشڪ ايمان مديني جي طرف سمٽجي  ويندو جيئن نانگ پنهنجي ٻرڙ (سوراخ) جي طرف سمٽجي ويندو آهي.[3]


 

 



[1]... كنز العمال، كتاب الحج، جز:5، جلد:3، صفحہ:52، حدیث:12366۔

[2]... حدائق  بخشش، صفحہ:127۔

[3]... بخاری، کتاب  فضائل المدینہ، صفحہ:498، حدیث:1876۔



$footer_html