Book Name:Shoq e Madina
سُبْحٰنَ اللہ! هيءَ به وڏي سعادت آهي جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ شفاعت فرمائيندا ڇو جو شفاعتِ مصطفٰي جو انداز ئي نرالو هوندو، ان جو لطف ئي نرالو هوندو، ان جو ذوق ئي نرالو هوندو، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، امامِ عشق و محبت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن فرمائن ٿا:
کیا ہی ذوق افزا شفاعت ہے تمہاری واہ واہ قرض لیتی ہے گنہ پرہیز گاری واہ واہ[1]
وضاحت: مطلب هي آهي ته ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جي ڏينهن ميدانِ محشر ۾ جڏهن ماڻهن جي شفاعت فرمائي رهيا هوندا پاڻ ڪريم جي شفاعت فرمائڻ جو انداز، ان جو لطف ۽ ان جو ذوق اهڙو نرالو هوندو جو جيڪي ماڻهو بخشيل آهن، جنهن گناھ نه ڪيا هوندا، جيڪي بنا حساب جي جنّت ۾ وڃڻ جا حقدار هوندا، جيڪي پرهيزگار هوندا، اهي ذوق واري شفاعت ڏسي ڪري حسرت ڪندا ته ڪاش! اسان جي حصي ۾ به گناھ اچي وڃن اسان کي به شفاعتِ مصطفٰي نصيب ٿي وڃي.
بهرحال! حديث پاڪ مان معلوم ٿيو جيڪڏهن ٻانهو نوراني روضي جي زيارت جي سعادت حاصل ڪندو آهي، ان کي ٻئي جي نه بلڪ خود ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت نصيب ٿيندي، سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ نصيب فرمائي.
حضرت عبد الله بن عمررَضِىَ اللّٰهُ عَنْهکان روايت آهي، ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ جَاءَنِي زَائِرًا جيڪو منهنجي بارگاھ ۾ زيارت جي لاءِ حاضر ٿيو لَا تُعْمِلُهُ حَاجَةٌ اِلَّا زِيَارَتِي ان کان سواءِ ان کي ڪا حاجت نه هجي (يعني نه تجارت جي لاءِ آيو، نه ڪنهن ٻئي مقصد جي لاءِ آيو) صرف ۽ صرف منهنجي زيارت