Book Name:Shoq e Madina
ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيّتون ڪري وٺو هڪ به سٺي نيّت نه هوندي ته ثواب نه ملندو*مناسب هي آهي ته عمامي شريف جو پهريون پيچ ساڄي پاسي وڃي* الله پاڪ جي آخري رسولصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي عمامي مبارڪ جو شملو عام طور پُشت (يعني مبارڪ پُٺيءَ) جي پويان هوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي درميان 2 شملا هوندا هئا*کاٻي پاسي شملو لڙڪائڻ سنّت جي خلاف آهي*عمامي جي شِملي جو مقدار گھٽ ۾ گھٽ چار آڱر ۽ وڌ ۾ وڌ (اڌ پٺي تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (وچين آڱر جي چوٽي کان ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چورائيندي)*عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو.*مراٰت ۾ آهي: عمامو بيهي ڪري ٻڌڻ سنّت آهي مسجد ۾ ٻڌي يا ٻئي هنڌ ۽*عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش (ٻڌڻ) گنبذ نما هجي.[1]
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.
لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو
ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم