Book Name:Shoq e Madina
عاشقانِ رسول دنيا ۾ رهندا آهن ٻين شهرن ۾، پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ رهندا آهن، اتي هنن کي دنيادارن سان به واسطو پوندو آهي، شيطان سان به واسطو پوندو آهي، نفس به گناھ تي اڀاريندو آهي، هاڻي انهن جو ايمان ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، پوءِ هو مديني پاڪ پهچندا آهن ته مدينهءِ منوره جي آب و هوا اهڙي نرالي، اهڙي ايمان تازو ڪندڙ آهي جو ان جي برڪت سان ايمان کي ٻيهر تازگي ملي ويندي آهي.
مديني جي ڪَتل سان ايمان جي تازگي
وڏو عاشقِ رسول، حضرت مُحدّثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مديني پاڪ سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي محفل ۾ اڪثر مديني شريف جو ذڪر ٿيندو رهندو هو، جيڪڏهن ڪو مديني پاڪ جو زائر سندن ۾ حاضر ٿيندو هو ته ان کان مديني پاڪ جا حالات پڇندا، مديني پاڪ جي رهائشي عاشقانِ رسول جي خيريت پڇندا ۽ جيڪڏهن ڪو تبرڪ پيش ڪندو هو ته وڏي خوشيءَ سان قبول فرمائيندا ها. هڪ ڀيري هڪ حاجي صاحب مديني پاڪ کان واپس آيو، هُو کجور کڻي حاضر ٿيو ۽ حضرت مُحدّثِ اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ پيش ڪيائون، ان وقت حديث جو درس جاري هو (يعني ڪلاس لڳل هو) حضرت مُحدّثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حديث شريف پڙهائي رهيا هئا، پاڻ مديني پاڪ جون کجورون تمام طالبن ۾ ورهايون ۽ هڪ کجور پنهنجي ڏاٺن جي هيٺيان دٻائي رکي، پوءِ فرمايائون: خرماءِ مدينه (يعني مديني جي کجي) جيستائين سنهي سنهي ٿي ڪري اندر ويندي رهندي، ايمان تازو ٿيندو رهندو.[1]
ہوائیں آرہی ہیں کوچۂ پُرنورِ جاناں کی کِھلی جاتی ہیں کلیاں، تازگی دِل کو میسر ہے [2]
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي! جيڪي عاشق آهن، انهن جو ته ايمان مديني جو نالو