Book Name:Shoq e Madina
حديث پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت افضل ترين عمل آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! هر ڪم کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بڻايو ڇو ته چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي. بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪيو! * علم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس. * با ادب ويهندس. * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس. * جيڪو ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب! صَلَّى اللّٰه ُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! حج جي بهار واري موسم جاري ۽ ساري آهي، حج جا ڏهاڙا ويجهي کا ويجهو ٿيندا پيا وڃن*خوش نصيب، سعادت مند عاشقانِ رسول حج جي سعادت حاصل ڪندا*ڪعبي جو طواف ٿيندو*صفا ۽ مروه جي سعي ٿيندي*منٰي ۾ حاضري*ميدانِ عرفات ۽ مزدلفه جو قيام ٿيندو،*هي سڀ سعادتون ماڻڻ کان بعد عاشقانِ رسول دلين ۾ عشقِ رسول جا چراغ روشن ڪري*اکين ۾ لڙڪ کڻي*تڙپندي، بيقرار ٿيندي*خوشيءَ مان جهومندي پنهنجي ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻارِ عالي شان ۾، نور واري روضي تي حاضري ڏيندا، هي ڪيڏا خوش نصيب ماڻهو هوندا جن کي تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي در جي حاضريءَ جي اجازت عطا فرمائيندا، ڪاش...! اهو ڏينهن به اچي، اسان گنھگارن کي به هيءَ سعادت ملي، مديني کان حاضريءَ جو پيغام اچي ۽