Book Name:Shoq e Madina
طيبه جي حاضريءَ جي لاءِ تڙپندا ڪن، روئيندا ڪن، دعائون گهرندا ڪن، طلب سچي هوندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نصيب سنورجي ويندا.
آہ! پلّے زَر نہیں رَخْتِ سفر سَروَر نہیں تُم بُلالو تُم بُلانے پر ہو قادِر یانبی!
کِس طرح تَسکین دُوں گا میں دِلِ غمگین کو رَہ گیا گَر حَاضِری سے میں جو قاصِر یانبی!
آپ ہی اسباب آقا پِھر مُہَیّا کیجئے پھر دِکھا دیجے مدینے کے مَنَاظِر یانبی![1]
مديني شريف جي حاضري واجب جي ويجهو آهي
فرمانِ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو خلاصو آهي: ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پُر نور روضي تي حاضري ۽ اتي جي مٽي کي چمڻ جي سعادت ماڻڻ تمام مستحبات کان اعظم ۽ اهم آهي بلڪه واجب جي ويجهو آهي.[2]
جذبُ القلوب ۾ شيخ محقق علّامه عبد الحق محدث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نقل ڪن ٿا: جڏهن ڪو مسلمان زيارت جي نيّت سان مديني پاڪ ايندو آهي ته ملائڪ رحمت جي تحفن سان ان جو استقبال ڪندا آهن.[3]
لاکھوں قُدسی ہیں کام خدمت پر لاکھوں گِردِ مزار پِھرتے ہیں[4]
وضاحت: يعني ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت جي لاءِ لکين ملائڪ حاضر رهندا آهن ۽ لکين ملائڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نوراني روضي جي چؤطرف چڪر لڳائيندا رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو حڪم اچي ته اسان خدمت جي لاءِ حاضر ٿي وڃون.