Book Name:Shoq e Madina
سامهون حاضر ٿيڻ سان مغفرت جي خيرات ملندي آهي.
هڪ ٻيءَ آيت ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ سَارِعُوْۤا اِلٰى مَغْفِرَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَ جَنَّةٍ ( سيپارو: 4، سورة آلِ عمران: 133)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جي جنت ڏانهن ڊوڙو.
اعلٰي حضرت جا والدِ محترم مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن هنڌ نهايت ايمان تازو ڪندڙ مدني گل ڏنو آهي، پاڻ جي فرمان جو خلاصو هي آهي ته انهن ٻنهي آيتن کي ملائي ڇڏيو! پهرين آيت ۾ الله پاڪ هي ٻڌايو آهي ته مديني پاڪ حاضر ٿيڻ، اتي توبھ ڪرڻ سان، پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت جي برڪت سان مغفرت ملندي آهي، ٻئي آيت ۾ الله ڪريم فرمائي ٿو: ربِّ ڪريم جي مغفرت جي طرف جلدي ڊوڙي ڪري پهچو، انهن ٻنهي آيتن کي ملائڻ جو نتيجو هي نڪرندو ته قرآن اسان کي هيءَ تعليم ڏئي رهيو آهي: اي گنھگار ٻانهؤ! اي محبوب جا امّتيو! اي عاشقانِ رسول! جيڪي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا آهيو، بلڪل به دير نه ڪريو! نهايت جلدي ۾ پنهنجي ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن ۾ پهچي وڃو! ڇوته اتي توهان کي مغفرت جي خيرات ملندي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي! مديني شريف حاضريءَ جي لاءِ جلدي ڪرڻ قرآني آيتن جو مقصود آهي، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان مديني پاڪ جي حاضريءَ جي لاءِ جلدي ڪريون، جيتري جلدي ٿي سگهي اتي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون، جنهن کي الله پاڪ استطاعت ڏني آهي، جيڪي اتي پهچي سگهن ٿا، اهي ته مديني پاڪ جي حاضريءَ ۾ بلڪل به سُستي نه ڪن، جڏهن موقعو ملي، حاضر ٿي وڃن ۽ جنهن وٽ استِطاعت ناهي، جنهن وٽ مال ۽ دولت ناهي، ظاهري اسباب ناهن، انهن کي به گهرجي ته مديني پاڪ جي حاضريءَ جو شوق وڌائن،