Book Name:Naikiyan Chupaiy

جي باوُجُود اهي نيڪ ماڻهو پاڻ کي گنهگار سمجھندا هئا۔ حضرت بَڪۡر بن عبد الله رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو معمول مبارڪ هو، پاڻ ڪنهن پوڙهي شخص کي ڏسندا هئا ته فرمائيندا ها: هي مون کان بهتر آهي جو مون کان پهريان الله پاڪ جي عبادت جو شرف رکي ٿو۔ جڏهن ڪنهن جوان کي ڏسندا ها ته فرمائيندا هئا: اهو مون کان بهتر آهي جو منهنجا گُنَاھ هن کان وڌيڪ آهن۔ (حلیۃ الاولیا، جلد:2 ، صفحہ: 257، حدیث: 2143) حضرت محمد واسِع رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن گُنَاهن کان بدبُو اچي ها ته مون وٽ ڪو ويهي نه سگھي ها۔ (سُرُور القلوب، صفحہ: 213) حضرت سري سقطي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو آئيني ۾ ان نيت سان چهرو ڏسندا هئا جو ڪٿي گُنَاهن جي ڪري منهنجو چهرو ڪارو نه ٿي ويو هجي۔ (سُرُور القلوب، صفحہ: 214)

راتِیْں زاری کر کر روندے                     نیند اکھیں دِی دھوندے

فَجْرِیْں اَو گنہار کہاندے                          سب تھیں نیوے ہوندے

وضاحت: يعني هُو اهڙا نيڪ ٻانها آهن جو انهن جون راتيون بارگاھ اِلٰهي ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي گذرن ٿيون، جنهن سان انهن جي ننڊ ڦٽي وڃي ٿي، ان جي باوُجود صبح ٿيندي آهي ته ماڻهن جي سامهون پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ گنهگار تَصَوُّر ڪندا آهن۔

اهو آهي الله وارن جو مبارڪ انداز...! انهن بزرگن جون اهي عاجزيون آهن، اهي نيڪ هئا، ڏينهن رات عبادت ۾ گذاريندا هئا، ان جي باوُجُود پاڻ کي گنهگار سمجھندا هئا۔ جيڪڏهن اسان به دِل سان پاڻ کي گنهگار مڃي وٺون ته ان شآء الله الڪريم! نيڪين جي اِظۡهار جي آفت کان بچي وينداسين، ظاهر آهي جيڪو شخص پاڻ کي نيڪ سمجھي ئي نٿو، پوءِ نيڪي جي اِظۡهار جو ته سُوال ئي پيدا نٿو ٿئي۔ حضرت اسماعيل بن نُجَيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٻانهو ان وقت تائين بندگي ۾ ڪامِل نٿو ٿي سگھي، جيستائين پنهنجي تمام نيڪين کي رياڪاري نه سمجهي۔ (تاریخ الاسلام، جلد: 8، صفحہ: 525)