Book Name:Naikiyan Chupaiy

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هي آيت اُنهن ماڻهن جي باري ۾ نازِل ٿي جيڪي نيڪيون ڪندا ۽ پنهنجي عملن جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ چوندا هئا: اسان جون نمازون، اسان جا روزا، اسان جا حج۔ هن تي الله پاڪ فرمايو: اي ايمان وارؤ! توهان فخريه طور تي پنهنجي نيڪين جي تعريف نه ڪيو، الله پاڪ اُنهن ٻانهن کي خوب ڄاڻي ٿو جيڪي پرهيز گار آهن ۽ انهيءَ جو ڄاڻڻ ڪافي آهي ڇوته اهوئي جزا ڏيڻ وارو آهي، لهٰذا ٻين وٽ پنهنجي عملن جي اِظۡهار ۽ نمائش مان ڪهڙو فائدو...؟ (تفسیر صراط الجنان، پارہ: 27، سورۂ نجم، ھیٺ آیت: 32، جلد: 9، صفحہ: 569)

 پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! ڪيتري زبردست ڳالھ آهي، الله ڄاڻي ٿو ته ڪير نيڪ آهي، الله ڄاڻي ٿو ته ڪير پرهيزگار آهي، ڪير تهجد پڙھي ٿو، الله ڄاڻي ٿو، ڪير پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪري ٿو، الله ڄاڻي ٿو، ڪير اشراق ۽ چاشت جو پابند آهي، الله ڄاڻي ٿو، ڪير ڪثرت سان تِلاوت ڪري ٿو، الله ڄاڻي ٿو، ڪير ڪيترو صدقو ۽ خيرات ڪري ٿو، الله ڄاڻي ٿو، ڪير مدني قافلي ۾ سَفَر جو پابند آهي، الله ڄاڻي ٿو، ڪير هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪري ٿو، الله ڄاڻي ٿو، ڪير پنهنجي عملن جو جائزو وٺي نيڪ اعمال جو رسالو پابندي سان ڀري ٿو، الله ڄاڻي ٿو، الله پاڪ جيڪو تمام جهانن جو پالڻهار آهي، الله پاڪ جيڪو سڀني جو خالِق آهي، الله پاڪ جيڪو نيڪين جي جزاء ڏيندو آهي، الله پاڪ جيڪو اسان جو به مالِڪ آهي، جنّت جو به مالِڪ آهي، اهو الله پاڪ جڏهن ڄاڻي ٿو ته اسان نيڪي ڪئي آهي ته هاڻي باقِي ڪنهن کي ٻڌائڻ جي، ڪنهن جي سامهون اِظۡهار ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي...؟ مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام پياري ڳالھ لکي آهي، لکن ٿا: لطف ته تڏهن آهي جو ٻانهو چئي: مان گنهگار آهيان۔ رَبّ چئي: اهو پرهيزگار آهي جيئن ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ۔ (تفسیر نور العرفان، پارہ: 27، ھیٺ آیت: 32، صفحہ: 634)