Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد ۾ اچڻ ثواب جو ڪم آهي، جڏهن به مسجد ۾ حاضري جي سعادت ملي، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ! جيستائين مسجد ۾ رهندؤ، نفلي اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو، شرعي مسئلو ذهن ۾ رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، سحري افطاري ڪرڻ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون۔

درودِ پاڪ جي فضيلت

شهنشاههِ مدينه، قرارِ سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن ڪتاب ۾ مون تي درودِ پاڪ لکيو، جيستائين منهنجو نالو ان ڪتاب ۾ رهندو، ملائڪ ان شخص جي لاءِ بخشش جي دُعا گھرندا رهندا۔([1])

عجب کرم ہے کہ خود مُجْرِمُوں کے حامی                     گناہ گاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں


 

 



[1]...معجم اَوْسط، جلد:1، صفحہ:497، حدیث:1835۔