Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

جن ان موقعي تي باقاعِده اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان حديثِ پاڪ جون سَندون پڻ حاصل ڪيون۔

اي عاشقانِ رسول! اندازو لڳايو! عَرَب جا وڏا وڏا عالم، مُحدّث اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان حديثِ پاڪ جون اجازتون حاصِل ڪري رهيا آهڻ، ڄڻ اهي وڏا وڏا مُحَدِّث زبانِ حال سان اهو اعلان ڪري رهيا هئا ته اڄ جي دَور ۾ اها عَظِيم هستي جن کي اَمِيرُ المُؤمِنِين فِي الحَدِيث جو لقب ڏئي سگھجي ٿو، اهي اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن۔

حَرَم والوں نے مانا تم کو اپنا قبلہ وکعبہ        جو قبلہ اہلِ قبلہ کا ہے وہ قبلہ نُما تم ہو

وضاحت: ”قبله نُما“ يعني قبلي جو طرف معلوم ڪرڻ وارو آلو۔ ان کي ڪمپاس به چئبو آهي۔ مطلب اهو آهي ته اي اسان جا آقا اعليٰ حضرت! اوهان کي مڪي ۽ مديني جي عاشقانِ رسول عالمن، وڏن وڏن مفتي سڳورن پڻ پنهنجو قبلو ۽ ڪعبو مڃيو آهي، اوهان اهي آهيو جو اوهان جي برڪت سان مسلمان پنهنجو قبلو دُرُست ڪن ٿا يعني پنهنجي عقيدن، عملن ۾ اوهان جي رهنمائي تي هلن ٿا۔

پيلي ڀيت ۾ ٽن ڪلاڪن جو  بيان

1303 هجري ۾ مُحَدِّث وَصِي اَحمَد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پَيلي ڀِيت ۾ مَدَرسةُ الحَدِيث جو بنياد رکيائون، ان موقعي تي مُحَدِّث سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُلڪ جي وڏن وڏن عالم سڳورن کي دعوت ڏني، عَظِيمُ الشَّان اِجتِماع جو اهتمام ڪيو ويو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به تشريف فرما هئا، مُحَدِّث سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ بيان ڪرڻ جي درخواست پيش ڪئي، لهٰذا اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسٽيج تي آيا ۽ مُلڪ جي وڏن وڏن عالمن، مُحَدِّث سڳورن، مُفَڪّرن جي مَوجُودگي ۾ عِلمِ حديث جي موضوع تي ٽن ڪلاڪن جو بيان فرمايو،