Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ حديث جي موضُوع تي زبردست علمي نڪتا بيان فرمائي رهيا هئا ۽ انهن کي ٻڌي اِجتِماع ۾ موجود وڏا وڏا عالم سڳورا حيران ٿي رهيا هئا، جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان ختم ڪيو ته مُحَدِّث سهارنپوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پٽ هڪدم بيهي اڳتي وڌي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿن کي چمي ڏنائون۔([1]) ڄڻ ته مُحدِّث سهارنپوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شهزادي زبانِ حال سان اهو اعلان ڪيو ته:

عِلْمِ خَبر کی شاہی تم کو رضا مُسَلَّم                       جس سمت آگئے ہو سِکّے بٹھا دئیے ہیں

وضاحت: عِلمِ خبر يعني عِلمِ حديث۔ اهو داغ دهلوي جو شعر آهي، داغ دهلوي ملڪ سُخَن جي شاهي لکيو هو، موقعي جي مُنَاسبت سان هن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي۔

(2):اعليٰ حضرت ۽ حديثِ پاڪ جو مُطَالعو

          اي عاشقانِ رسول! اها ته هئي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علمي ۽ فني اعتبار سان عِلمِ حديث ۾ مهارت، جو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمي اعتبار سان، فني اعتبار سان اَمِيرُ المُؤمِنِين فِي الحَدِيث آهن ۽ اهو خطاب اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ان دَور جي ماهر مُحَدِّث سڳورن ڏنو هو۔ هاڻي اچو! اهو ڏسون ٿا ته حديث پڙهڻ، حديثن کي ياد ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي معاملي ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو انداز ڇا هو؟

اعليٰ حضرت حديثِ پاڪ جا ڪيترا ڪتاب پڙھيا هئا؟

هڪ ڀيري سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: اوهان حديثِ پاڪ جا ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا يا پڙهايا آهن؟ ان جو جواب ڏيندي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهريان عِلمِ حديث جي ڪجھ ڪتابن جا نالا ورتا مثال طور بُخاري،


 

 



[1]...جامع الاحادیث، جلد:1، صفحہ:407تا408۔