Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

مطلب ته: اڄڪلھ حديثون پڙهڻ، سمجھڻ جا کوڙ سارا ذريعا موجود آهن، جيڪڏهن اسان ذِهن بڻايون ته کوڙ راهون نڪري سگھن ٿيون۔ بَس دِل ۾ شوق پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي، اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: الله پاڪ ان شخص کي تر و تازه رکي، جيڪو منهنجي حديث ٻُڌي، ان کي ياد ڪري ۽ ٻين تائين پهچائي۔([1])

حضرت زڪريا بِن عدّي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت عبد الله بن مبارَڪ
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات کان بعد مون انهن کي خواب ۾ ڏسي پڇيو: مَافَعَلَ اللہُ بِکَ الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ان جواب ڏنو: حديث جي طلب لاءِ سَفر سبب الله پاڪ منهنجي بخشش ڪري ڇڏي۔([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

فرامينِ مصطفيٰ تي يقين رکڻ ايمان جي جان آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيو مدني گل جيڪو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ مان سکڻ لاءِ مليو، اهو آهي: فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪامِل ڀروسو رکڻ۔

اهو ته اسان جي ايمان جي تقاضا آهي بلڪه اَصل ايمان ئي اهو ئي آهي۔ حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ايمان جي حقيقت آهي: الله ۽ رسول تي اعتماد هئڻ۔ مزيد فرمائن ٿا: سچ پڇو ته ايمان جي جان ته هي آهي جو رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خبر تي پنهنجي حواسن (اک، ڪن، عقل وغيره) کان وڌيڪ اعتماد هجي، جيڪڏهن اسان اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته


 

 



[1]...ابوداؤد، کتاب:العلم، باب:فضل نشر العلم، صفحہ:580، حدیث:3660۔

[2]...تاریخِ مدینہ دمشق، جلد:32، صفحہ:484۔