Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

فرمايو، ان کي دِل جي ڪنن سان ٻڌو! فرمايائون: حديث ضعيف آهي پر الحمد لله! اُمِّيد قَوِي (يعني پخته) آهي۔([1])

مطلب اهو ته حديث ضعيف آهي ته ان جو اهو ئي مطلب آهي ته حديث جي راوي ۾ شرط پُورا نه آهن پر هي آهي ته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي ۽ مون فرمانِ مصطفيٰ تي ئي عَمَل ڪيو، مون کي الله پاڪ جي رحمت مان پڪي اميد آهي ته الله پاڪ منهنجي نيت جو اَجر مون کي ضرور عطا ڪندو۔

جس کے جلوے سے اُحُد ہے تاباں، مَعْدَنِ نُور ہے اس کا داماں

ہم بھی اس چاند پہ ہو کر قرباں، دِلِ سنگیں کی جِلا کرتے ہیں

وضاحت: اسان جا پيارا پيارا، نُور وارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهي آهن جن جي جلوئن سان اُحُد چمڪڻ لڳو بلڪ اُحُد نُور جي کاڻ بڻجي ويو، اسان به ان نُور واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي قربان ٿي پنهنجي دِل کي نُور بڻايون ٿا۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مصيبت زده کي ڏسي پڙهڻ جي دُعا

1300 هجري جي ڳالھ آهي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ ان وقت 27 سال ۽ ڪجھ مهينا هئي، گرمي جو موسم هو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڪنهن علمي تحقيق جي لاءِ سَنهن اکرن ۾ لکيل ڪتابَ لاڳيتو ڏسڻا پيا، ان مسلسل محنت جي ڪري اکين تي ڪجھ اَثر ٿيو، هڪ ڏينهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه علمي ڪم ۾ مَصرُوف هئا، منجھند مهل کين گرمي محسوس ٿي ته پاڻ غسل ڪيائون، جيئن ئي مٿي تي پاڻي وڌو ته هيئن لڳو جيئن مٿي مان ڪا


 

 



[1]...ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:209، خلاصۃً۔