Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

پوءِ ان سان گڏوگڏ تحريري ڪم به آهن، فتوائون به لکيون وينديون هيون، اعليٰ حضرت پِيرِ ڪامِل به آهن، مُرِيد به حاضِر ٿيندا هوندا، انهن جي تربيت به ڪئي ويندي هوندي، اعليٰ حضرت استاد به هئا، مدرسي ۾ پڙھائيندا به هئا، اُمَّت جا مسئلا به حل ڪندا هئا، انهن تمام مَصرُوفيات جي باوُجُود اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيترو مطالعو ڪندا هئا، اهو سڀ ڏسي عقل دَنگ رهجي ويندو آهي ۽ حيران ٿي چوندو آهي:

بریلی کی زمین پر نہ پیدا ہوتا وہ اگر                           بھٹکتے ہم ادھر اُدھر، ذلیل ہوتے دَرْ بَہ دَر

خُدا کا ہو گیا کرم، کرم نے رکھ لیا بھرم                 ہمارے بیچ آگیا، مرا رضا مرا رضا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ تبليغِ حديث

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو هو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو حديثِ پاڪ سان لڳاؤ، حديثون پڙهڻ جو شوق و ذوق۔ بيشڪ حديثون پڙهڻ، انهن کي سمجھڻ وڏي ڪمال جي ڳالھ آهي، پوءِ ان کان به وڏو ڪمال آهي: حديثن کي ياد رکڻ، انهن کي ٻين تائين پهچائڻ۔ الحمد لله! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديثون پڙهندا به هئا، انهن کي ياد به رکندا هئا ۽ ٻين تائين پهچائيندا به هئا۔ سندن مبارڪ عادت هئي ته پنهنجي گفتگو ۾ حديثون پڙهندا هئا، جيڪا ڳالھ ڪندا هئا ان کي قرآني آيتن يا حديثن مان ثابت ڪندا هئا، کائنس سُوال ٿيندو هو ته ان جي جواب ۾ ڪثرت سان حديثون بيان ڪندا هئا، انهن حديثن جي معني بيان ڪندا هئا، حديثن جي شَرح بيان ڪندا هئا۔

* اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان سوال ٿيو: سجدهءِ تعظيمي (يعني ڪنهن کي خُدا سمجھي نه بلڪ ان کي ٻانهو سمجھي صِرف ان جي تعظيم جي لاءِ، ان کي