Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

اسان ڪجھ مدني گل ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔

 عِلمِ حديث بابت هڪ وضاحت

اَصل مَوضُوع تي گفتگو کان پهريان اهو مدني گل پنهنجي دِل جي مدني گلدستي ۾ سجائي وٺو ته * دِيني عُلُوم ۾ قرآنِ ڪريم کان بعد سڀ کان وڏو، سڀ کان اَهم ۽ سڀ کان اَفضَل عِلم عِلمِ حديث آهي، جيڪو عالِمِ دِين آهي، جيڪو مفتي آهي، جيڪو اسلام جي باري ۾ ڪنهن قسم جي تحقيق ڪرڻ چاهي ٿو، ان جي لاءِ لازِم ۽ ضروري آهي ته هو قرآنِ ڪريم جو به عِلم رکندو هجي ۽ ڪنهن ماهر عاشِقِ رَسُول عالِمِ دِين کان باقاعِدَه حديثِ پاڪ جو به عِلم حاصِل ڪري چڪو هجي * الله پاڪ اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو شان عطا فرمايو آهي جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان نڪتل هڪ هڪ اکر، هڪ هڪ لفظ، هڪ هڪ جملو عِلم و حڪمت جو گهرو سمنڊ آهي۔ زبانِ مصطفيٰ اها مبارڪ زبان آهي جو ان زبان مان جيڪو ڪجھ ادا ٿئي ٿو، اهو صِرف حق، حق ۽ حق ئي هوندو آهي، حق جي علاوه ان مبارڪ زبان مان ڪڏهن ٻيو ڪجھ ادا ناهي ٿيو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَا یَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰىؕ(۳) اِنْ هُوَ اِلَّا وَحْیٌ یُّوْحٰىۙ(۴)  (پاره27،سورۃالنجم:3تا4)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهو ڪا ڳالهه پنهنجي خواهش سان نٿو چوي. اها وحي ئي هوندي آهي جيڪا ان ڏي ڪئي ويندي آهي.