Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

سيرتِ رضا مان حاصل ٿيندڙ 2 اهم مدني گل

اي عاشقانِ رسول! اسان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ جا بعض پهلو ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪئي، اڄ جي بيان ۾ بالخصوص 2 مدني گل اسان کي سکڻ لاءِ مليا:

(1): حديثون پڙهڻ، ياد ڪرڻ ۽ سمجھڻ جو شوق۔

(2):فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪامِل يقين رکڻ۔

دل ۾ حديث سڳوريون پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو!

ٿورو غور ڪيو! حديثِ پاڪ آهي ڇا؟ اسان جي آقا، اسان جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو اسان ڪلمو پڙھيو آهي، جن سان اسان شفاعت جي اُمِّيد رکون ٿا، جن جي صدقي دُنيا ٺهي، جن جي صدقي اسان دُنيا ۾ آياسين، جن جو صدقو اسان کايون ٿا، اسان جا اهي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي الله پاڪ کان بعد سڀ کان بزرگ هستي آهن، اهي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي سڀ کان وڌيڪ عِلم ڏنو ويو، اهي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ عقل مند آهن، ان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري فرمانن کي حديث چيو ويندو آهي (ها! ڪڏهن صحابه ڪرام ۽ تابِعِين رَضِىَ اللهُ عَنهم جي فرمان کي به حديث چيو ويندو آهي)۔ هاڻي غور ڪيو! اسان مسلمان آهيون، اسان آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪلمو پڙھون ٿا، ڇا اسان جو حق نٿو ٿئي؟ ته اسان حُضُور، پُرنُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن کي پڙھون، انهن کي سمجھون، انهن تي عمل ڪيون۔ يقيناً اسان جو حق ٿئي ٿو۔ حديثون اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان نڪرندڙ الفاظ آهن، حديثن جو هڪ هڪ لفظ عِلم و حڪمت جو سمنڊ آهي، ان لفظن ۾ قيامت تائين اچڻ وارن جي لاءِ روشني آهي، نُور آهي، هدايت آهي۔ مُفَسِّرِ قرآن، حڪيم الامت، مفتي احمد يار