Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

تو محدث تو محقق تو مجدد لا جواب                                   اہلسنت کی اماں اے کُشْتَۂِ عِشْقِ رسول

وضاحت:اي اسان جا اعليٰ حضرت! اي وڏي رُتبي وارا عاشِقِ رسول! اوهان مُحَدِّث به آهيو، اوهان مُحقق به آهيو، اوهان لاجواب مُجَدِّد به آهيون ۽ اوهان ئي جي در تي اهلسنت کي پناھ نصيب ٿي۔  

ماهرِينِ عِلمِ حديث جي لاءِ اجازتِ سَنَد

عِلمِ حديث جو هڪ قاعِدو آهي ته مُحَدِّث سڳورا پنهنجن شاگردن کي يا جن وٽ حديثِ پاڪ بيان ڪن، اُنهن کي سَنَدِ حديث جي اجازت ڏيندا آهن ۽ اهو اُصُول آهي ته جنهن کي اها اجازت حاصِل نه هجي، اهو ان حديثِ پاڪ کي پنهنجي سَنَد سان بيان نٿو ڪري سگھي۔ اها هڪ اُصُول جي ڳالھ آهي ۽ ان اُصُول بابت تفصيل آهي، جن کي عالم سڳورا چڱي طرح سمجھن ٿا۔

ٻي حج جي موقعي تي جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مڪه مڪرمه حاضِر ٿيا ته پاڻ کي خبر هئي ته حج جي موقعي تي دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مسلمان ايندا آهن، عالم سڳورن جو به هڪ وڏو اِجتماع ٿيندو آهي۔ جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حج جي لاءِ ويا، ان وقت به مِصر کان، شام کان ۽ ڪيئي ملڪن کان عالم سڳورا حج جي لاءِ آيل هئا۔

الحمد لله! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي الله پاڪ شُهرت عطا فرمائي آهي، جڏهن انهن عالم سڳورن کي خبر پئي ته اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاه امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيل آهن ته اهي عالم سڳورا جُوق دَر جُوق اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ لڳا، انهن مان ڪيئي عالم اهي هئا جن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان عِلمِ دِين جا بعض مشڪل مسئلا سمجھيا، ڪيئي اهي هئا جن بعض عُلُوم حاصِل ڪيا ۽ اُن وقت جي وڏن وڏن مُحَدِّثِن جو هڪ تعداد هو