Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

حديث پڙهڻ سمجھڻ جا آسان ذريعا

* الحمد لله! دعوتِ اسلامي شهر شهر ۾ جامعات المدينه قائم ڪيا آهن، وقت ڪڍو! درسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ۾ داخلو وٺو! * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي آن لائن دَرسِ نظامي ڪري وٺو * الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي علمي و تحقيقي شعبي اَلمَدِينَةُ العِلمِيه (اسلامڪ ريسرچ سنٽر) حديثِ پاڪ جا کوڙ سارا اُردو ڪتاب تيار ڪيا آهن * اها حديثِ پاڪ جنهن جي لاءِ حضرت ابوالعباس مُستَغفِرِيرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ سال روزا رکيا، ان حديثِ پاڪ ۽ ان جي تفصيلي وضاحت تي مشتمل مڪتبة المدينه جو رسالو آهي: اعرابي جا سوال ۽ عربي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا جواب * اهڙي طرح مڪتبة المدينه جو ڪتاب آهي: فيضانِ رِياضُ الصَّالحين۔ هن ۾ 1هزار 8 سو 96 حديثون آهن، هنن حديثن جي آسان ترجمي ۽ تشريح تي ڪم جاري آهي، هن جا 6 جلد اچي چڪا آهن  *مڪتبة المدينه جو هڪ ڪتاب آهي: اَنوَارُ الحديث * اهڙي طرح 40 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختصر رسالو آهي * شيخِ طريقت امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو هڪ نئون رسالو انهيء سال مُحَرَّم الحَرَام ۾ آيو: فيضانِ اهلِ بيت۔ هن ۾ اهل بيتِ اطهار جي شان ۾ 40 حديثون گڏ ڪيون ويون آهن۔ * اهڙي طرح امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو هڪ رسالو آهي: هر صحابيِ نبي، جنتي جنتي، هن ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي شان و عظمت تي 40 حديثون بيان ڪيون ويون آهن۔ ان جي عِلاوه حديثِ پاڪ جا ٻيا به ڪافِي ڪتاب آهن۔

دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ جي هڪ موبائل ايپلي ڪيشن آهي: Islamic Ebook Library هن ۾ مڪتبة المدينه جا سمورا ڪتاب موجود آهن، هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي ڪتاب پڙھي به سگھجن ٿا ۽ ڊاؤن لوڊ به ڪري سگھجن ٿا۔ اها موبائل ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو کڻو، ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔