Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

ياد ڪيو ۽ هن ۾ مهارت حاصِل ڪئي، انهن عالم سڳورن جا مختلف طبقا ۽ درجا آهن، ڪنهن کي مُحَدِّث چيو ويندو آهي، ڪنهن کي حافِظُ الحديث چئبو آهي، ڪنهن کي حُجَّت چيو ويندو آهي، ڪي شيخ الحديث هوندا آهن۔ اهڙي طرح حديثِ پاڪ جي عالمن جو هڪ درجو آهي: اَمِيرُ المُؤمِنِين فِي الحَدِيث۔ عِلمِ حديث جو اهو عالِم جيڪو پنهنجي زماني جي سمورن عالم سڳورن ۾ سڀ کان وڌيڪ حديثِ پاڪ جو ماهر هجي، ان کي اَمِيرُ المؤمِنِين فِي الحَدِيث چيو ويندو آهي۔ الحمد لله! اسان جا آقا، اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙي طرح پنهنجي زماني جا سڀ کان وڏا مفتي آهن، سڀ کان وڏا مُفَسّر آهن، وڏي رُتبي وارا صُوفي آهن، اعليٰ درجي جا سائنس دان آهن، زبردست رياضي دان آهن، اهڙي طرح عِلمِ حديث جي مُعَاملي ۾ پاڻ اَمِيرُ المُؤمنين فِي الحَدِيث آهن۔

مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرمان

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مبارڪ دور جو هڪ تمام وڏو مُحَدِّث آهي: عَلَّامه وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ هو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو دوست به هو، وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه 40 سالن تائين حديثِ پاڪ جي خِدمت ڪئي ۽ حديثِ پاڪ جي سڀ کان معتبر ڪتاب بخاري شريف کين زباني ياد هئي، ايترا وڏا مُحَدِّث هئا۔

مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا هڪ شاگر سيد محمد اشرفي ميان جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نالي آهن، هو پاڻ به بعد ۾ تمام وڏا مُحَدّث ٿيا ۽ مُحَدِّث اعظم هند جي نالي سان مشهور ٿيا۔

هڪ ڀيري مُحَدِّثِ اعظم هند سيد محمد اشرفي ميان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي استادِ محترم مُحَدِّث وَصِي احمد سُورتي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي سُوال ڪيائون: عالي جاه! اوهان اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ذِڪر