Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

      وہ پرچہ جس میں لکھا تھا درود اس نے کبھی                    یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([2])

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٻيڙي ڪنَاري ڪيئن لڳي...؟ (ڪرامتِ اعليٰ حضرت)

صَدرُ الشَّرِيعَه مفتي محمد اَمجَد علي اَعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪي بهارِ شريعت جا مُصَنِّف آهن، ان جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن اسان بارگاھِ اعليٰ حضرت ۾ حاضِر هئاسين ۽ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان حديثِ پاڪ جو دَرس وٺي رهيا هئاسين ۔

سُبحٰنَ الله! ڪيڏو علمي، ذوق و شوق وارو، عشقِ رسول وارو ماحول


 

 



[1]... سامانِ بخشش، صفحہ:93-94 ملتقطاً۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔