Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

علم میں بَحْرِ رَواں احمد رضا خاں قادری                  دین میں گوہَر فِشَاں احمد رضا خاں قادری

تیرا علم و فضل شان و شوکت و جاہ و حشم               شش جہت پر ہے عیاں احمد رضا خاں قادری

ہے عرب کے عالِموں کا مدح خواں سارا جہاں     اور وہ تیرے مدح خواں احمد رضا خاں قادری

وضاحت: اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان عِلم جا تمام وڏا سمنڊ آهن، پاڻ عِلمِ دِين جا ناياب موتي ورهائن ٿا، سندن عِلم، سندن فضيلت، سندن شان و شوڪت هر پاسي واضِح ۽ نمايان آهي، عرب شريف جا عاشقانِ رسول عالم سڳورا جن جي سڄو جھان واکاڻ ڪري ٿو اهي به اسان جي آقا اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي واکاڻ ڪن ٿا۔  

(3):اعليٰ حضرت ۽ حديثن تي عمل جو انداز

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اسان جي آقا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ حديث ۾ ڪيتري اعليٰ مهارت رکندا هئا، حديثون پڙهڻ، ياد ڪرڻ، ياد رکڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جو ڪيترو شوق رکندا هئا۔ الله پاڪ اسان کي به فيضانِ اعليٰ حضرت نصيب فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

هاڻي اچو! اهو ٻڌون ٿا ته حديثن تي عمل ڪرڻ جي مُعَاملي ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو انداز ڪهڙو هو؟

برسات ۾ ڪعبي جو طواف

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻئين ڀيري جڏهن حج جي لاءِ مڪه مڪرمه حاضِر ٿيا ته اتي پاڻ سخت بيمار ٿي پيا، ڪيئي ڏينهن تائين طبيعت ناساز رهي، مُحَرَّمُ الحرام جي آخري ڏينهن ۾ طبيعت بهتر ٿي، پاڻ غُسل ڪيائون، جڏهن غسل خاني مان ٻاهر نڪتا ته ڏٺائون: آسمان تي ڪڪر آهن، پاڻ جلدي