Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

هن وقت ڏينهن آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا ته هن وقت رات آهي ته اسان جي اک ڪوڙي آهي ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سچا آهن۔ اسان جي اک هزار دفعه غلطي ڪندي آهي پر آقا جو فرمان ڪڏهن غلط ناهي ٿيندو۔

عِلمِ حديث جا تمام وڏا امام، امام نَوَوِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري دمشق جي هڪ وڏي مُحَدِّث صاحب جي خدمت ۾ حاضِر ٿيا ۽ انهن کان حديثون سکڻ لڳا، اهي محدّث صاحب منهن تي ڪپڙو رکي پڙھائيندا هئا، امام نَوَوِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪافِي عرصو ان وٽ پڙهندو رهيو، هڪ ڏينهن ان امام نووي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سامهون پنهنجي چهري تان ڪپڙو هٽائي ڇڏيو، ڏسن ٿا ته ان جو منهن گڏھ جھڙو آهي۔ ان مُحَدِّث صاحب امام نَوَوِي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي نصيحت ڪندي ٻڌايو: مون حديثِ پاڪ پڙھي ته ”جيڪو شخص امام کان پهريان مٿو کڻي ٿو، ڇا ان کان نٿو ڊڄي ته الله پاڪ ان جو مٿو گڏھ جھڙو ڪري ڇڏي۔“([1]) مُحَدِّث صاحب فرمائن ٿا: اها حديثِ پاڪ منهنجي عقل ۾ نه آئي، مان ڄاڻي واڻي امام کان سَبَقت ڪئي (يعني رڪوع ۽ سجدي ۾ امام کان پهريان مٿو کڻندو هئس) ته منهنجو منهن اهڙو ٿي ويو جھڙو توهان ڏسي رهيا آهيو۔([2])

الله پاڪ اسان کي ڪامِل ايمان نصيب فرمائي، حديثون پڙهڻ، ٻڌڻ، سکڻ، سمجھڻ جو شوق عطا فرمائي ۽ حديثِ پاڪ تي ڪامِل يقين رکڻ جي به توفيق عطا فرمائي۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! فيضانِ اعليٰ حضرت ماڻڻ، عِلمِ دين سکڻ، عَمَل جو


 

 



[1]...مسلم، کتاب:الصلاۃ، باب:النہی عن سبق الامام، صفحہ:167، حدیث:427۔

[2]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:560، حصہ:3۔