Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ خُوب وڌ کان وڌ حِصو وٺو! اِن شَآءَ الله الڪرِيم! دِين و دُنيا جون کوڙ ساريون ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: مدني مذاڪرو۔

الحمد لله! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه هر ڇنڇر بعد نماز عِشَاء مدني چينل تي براه راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن يعني عاشقانِ رسول جي سُوالن جا جواب ڏيندا آهن۔ اوهان به مدني مذاڪري ۾ ضرور شرڪت ڪيو۔

اسلام جي حقانيت ظاهر ٿي پئي

ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ مدني مذاڪري جي حوالي سان پنهنجي تاثرات ڏيندي چيو: مان پهريان غير مسلم هئس، هڪ ڀيري رمضان المبارڪ ۾ مون کي امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جا مدني مذاڪرا ڏسڻ، ٻڌڻ جي سعادت ملي، الحمد لله! مدني مذاڪرن جي برڪت سان اسلام جي حقانيت منهنجي دِل و دماغ ۾ سمائجي وئي، نيٺ مون اسلام قبول ڪري ورتو۔

امیر اہلسنت آپ کی ہمت کا کیا کہنا                    جو بد کو نیک کر دیتی ہے اس دعوت کا کیا کہنا

جو صحبت میں تری آئے وہ عشقِ مصطفےٰ پائے           میرے محسن تری مجلس، تری صحبت کا کیا کہنا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَن تَمَسَّكَ بِسُنَّتِي عِندَ فَسَادِ اُمَّتِي فَلَهُ اَجرُ مِائَةِ شَهِيدٍ يعني اُمت جي فساد جي وقت جيڪو شخص منهنجي سنت تي