Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

حَشْر تک جاری رہے گا فیض مُرشِد آپ کا             فیض کا دریا بہایا اے امام احمد رضا

اے امامِ اہلسنت نائِبِ شاہِ اُمَمْ             کیجئے ہم پر بھی سایہ اے امام احمد رضا([1])

سيرتِ اعليٰ حضرت ۽ عِلمِ حديث جا ٽي پهلو

جيڪر اسان هن موضوع تي غور ڪيون ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ حديث ۾ ڪيتري مهارت رکندا هئا ته بنيادي طور تي سيرتِ اعليٰ حضرت جا 3 پهلو اسان جي سامهون اچن ٿا:

(1): علمي ۽ فَنِّي اعتبار سان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عِلمِ حديث ۾ ڪيتري مهارت هئي؟ يعني حديثِ پاڪ جا جيڪا درجا آهن، حديثِ پاڪ جون مختلف قسمون عالم سڳورن مقرر ڪيون آهن، انهن درجات ۽ قسمن کي سمجھڻ ۾، حديثِ پاڪ جي معني ۽ مفهوم سمجھڻ ۾، حديثِ پاڪ مان عِلم جون ڳالھيون ڪڍڻ ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڪيتري مهارت هئي؟

(2): حديثون پڙهڻ ۾، حديثون ياد ڪرڻ، ياد رکڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو انداز ڪهڙو هو؟

(3): ۽ ٽيون پهلو اهو ته پنهنجي آقا و موليٰ، مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حديثن تي عمل ڪرڻ ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو انداز ڪهڙو هو؟ اچو! انهن ٽنهي پهلوئن کي سامهون رکي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ پاڪ ٻڌون ٿا۔

(1): عِلمِ حديث ۾ علمي و فني مهارت

اهي عالم سڳورا جن باقاعِدَه عِلمِ حديث کي سکيو، حديثن کي سمجھيو،


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:525۔