Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

پيارا اسلامي ڀائرو! 25 صَفَرُ المُظَفَّر جي آمد آمد آهي، عاشِقن جي امام، عاشقن جي جان، مان، شان، عاشقانِ رسول جي پهچان، اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو يومِ عُرس اچڻ وارو آهي۔ الحمد لله! سڄي دُنيا ۾ عاشقانِ رسول ذوق شوق سان، ڌُوم دام سان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرسِ پاڪ ملهائيندا آهن۔

حاضِری احمد رضا کے دَرْ کی جا کیجئے!                      عاشقو! خوشیاں دِلانے عُرْسِ رضوی آ گیا

عاشقانِ مصطفےٰ تم ناز قسمت پر کرو                      بختِ خَوَابِیْدہ جگانے عُرْسِ رضوی آگیا

عُرسِ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مناسبت سان اڄ اسان اِن شَآءَ الله الڪرِيم! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تذڪرو ڪرڻ ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪنداسين۔ اڄ جي بيان جو موضوع آهي: اعليٰ حضرت ۽ عِلمِ حديث۔

حَدِيث ڇا کي چئبو آهي...؟

بنيادي طَور تي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زبان مان ادا ٿيندڙ لفظن کي، رسولِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪيزه افعال ۽ مبارڪ اَحوال کي حديث چيو ويندو آهي۔ البت ڪڏهن ڪڏهن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان ۽ تابِعِين (يعني حالتِ ايمان ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان جي زيارت ڪندڙ خوش نصيبن) جي فرمانن کي به حديث چيو ويندو آهي۔ حديثِ پاڪ جو باقاعِدَه عِلم آهي، ان کي سکيو ويندو آهي، مَدرسن ۾ پڙھيو ويندو آهي، پڙھايو ويندو آهي، اسان جي آقا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي حديثون پڙهڻ جو ڪيترو شوق هو؟ پاڻ حديثن سمجھڻ، حديثن مان مسئلا ڳولهڻ ۾ ڪيتري مهارت رکندا هئا؟ ۽ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻين تائين حديث پهچائڻ جو ڪيترو ذوق و شوق رکندا هئا؟ هن باري ۾ اڄ