Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

مضبوطي سان عمل ڪندو ان کي سؤ شهيدن جو ثواب عطا ڪيو ويندو۔([1])

ہر کام شریعت کے مطابِق میں کروں کاش!             یارب تو مبلغ مجھے سُنّت کا بنا دے([2])

امت سان همدردي سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: الله پاڪ مون کي ٽي سوال عطا فرمايا، مون ٻه ڀيرا (ته دنيا ۾) عرض ڪيو؛ ”اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِاُمَّتِیْ اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِاُمَّتِیْ اي الله! منهنجي اُمت جي بخشش فرما، اي الله! منهنجي اُمت جي بخشش فرما۔ ۽ ٽيون عرض ان ڏينهن (قيامت) جي لاءِ بچائي رکيو آهي۔([3])

اي عاشقانِ رسول! امت سان همدردي سُنّتِ مصطفيٰ آهي  *جانِ ڪائنات بزمِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ولادتِ باسعادت جي وقت به اسان امتين کي ياد فرمايو * شبِ معراج به الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ياد رکيو * وصال شريف کان بعد قبرِ انور ۾ لهندي به مبارڪ چپن تي امت جي نجات وبخشش جون دعائون هيون * آرام ده راتين ۾ جڏهن سڄو جهان آرام ڪري رهيو هوندو هو، پيارا پيارا آقا مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو بستر مبارڪ ڇڏي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اسان گناهگارن جي لاءِ دعائون گھرندا هئا * قيامت جي ڏينهن سخت گرمي جي عالم ۾ شديد اُڃ جي وقت الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اسان جي لاءِ مٿو سجدي ۾ رکي امت جي بخشش جي عرض ڪندا * امتين جي نيڪين جا پلڙا وزني ڪندا * ڪٿي پل صراط تان سلامتي سان ٽُپائيندا * ڪٿي حوضِ ڪوثر سان ڍئو ڪرائيندا * ڪڏهن جهنم ۾ ڪرايل امتين کي ڪڍي رهيا هوندا * ڪنهن جا درجات بلند ڪري رهيا هوندا * پاڻ غمگين هوندا اسان کي


 

 



[1]...زُہد کبیر، صفحہ:118، حدیث207۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:115۔

[3]...مسلم، کتاب :مسافروں کی نماز،صفحہ:294، حدیث:820۔