Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسلام ۾ ڪلامُ الله (يعني قرآنِ ڪريم) کان بعد ڪلامِ رسول الله (يعني حديثِ پاڪ) جو درجو آهي۔ قرآنِ ڪريم ڄڻ سمنڊ آهي، حديثِ پاڪ ان سمنڊ جو جهاز آهي، قرآنِ ڪريم رُوحاني کاڌو آهي، حديثِ پاڪ رحمت جو پاڻي آهي، جهڙي طرح پاڻي جي بغير کاڌو تيار ناهي ٿيندو، اهڙي طرح حديثِ پاڪ جي بغير نه قرآنِ ڪريم کي سمجھي سگھجي ٿو، نه ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو۔([1]) (مراۃ، جلد۱،ص۳) اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: تَرَکْتُ فِیْکُمْ اَمْرَیْن مان توهان جي وچ ۾ ٻه شيون ڇڏي وڃان پيو لَنْ تَضِلُّوْ مَا تَمَسَّکْتُمْ بِہِمَا جيستائين توهان انهن ٻنهن کي پڪڙي رکندو، ڪڏهن گمراھ نه ٿيندو، (1): ڪتَابُ الله (الله پاڪ جو ڪتاب يعني قرآنِ ڪريم) (2): وَسُنَّۃُنَبِیِّہٖ (۽ الله جي نبي جي سُنّت يعني حديثِ پاڪ)۔([2]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد فرمايائون: جنهن دِين بابت 40 حديثون سکيون، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي عالمن ۽ فقيهن واري گروھ ۾ اُٿاريندو۔([3])

هڪ حديث ٻڌڻ جي لاءِ سڄي سال جا روزا رکيا

افسوس! هاڻي حديثون پڙهڻ، ٻڌڻ جو شوق بلڪل گھٽ ٿيندو پيو وڃي۔ مَا شَآء َ الله! پهريان جي مسلمانن ۾ حديثون پڙهڻ جو، حديثون ٻڌڻ جو، حديثون ياد ڪرڻ جو ڪمال شوق هوندو هو، امام جلالُ الدين سيوطي شافعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا: حضرت ابو العباس مُستَغفِري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري مِصر ويا ۽ اتي جي مُحَدِّث حضرت ابو حامِد مِصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿيا، عرض ڪيائون: حُضُور! مون کي حديثِ خالِد بن وليد ٻڌايو۔ حضرت ابوحامِد مِصري


 

 



[1]... مرآۃ المناجیح، جلد:1، صفحہ:3۔

[2]... جامع بیانُ العلم و فَضْلُہ، جلد:1، صفحہ:606۔

[3]...جامع بیانُ العلم و فَضْلُہ، جلد:1، صفحہ:195۔