Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

هوندو جو دَرسِ حديث ڏيڻ وارا اعليٰ حضرت امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن ۽ دَرس ٻڌڻ وارا ڪير آهن؟ ماهر عالِمِ دِين مفتي اَمجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ ان جا ٻيا ساٿي۔ سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادتِ ڪريمه هئي ته پاڻ حديث شريف پڙھائڻ مهل ڪنهن پاسي توجھ نه ڪندا هئا، وڏي ڌيان سان باوُضُو، باادب ويهي، حديثِ پاڪ جي اهميت دِل ۾ رکي، محبت ۽ شوق سان حديثِ پاڪ پڙھائيندا هئا۔ مفتي اَمجَد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو بيان آهي: اڄ (جڏهن اسان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان درسِ حديث وٺي رهيا هئاسين ته وڏو عجيب مُعَامَلو ٿيو؛) اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عادَت جي خلاف درسِ حديث جي دوران مَسنَد شريف تان اٿيا ۽ ٻاهر نڪري ڪيڏانهن ويا، 15 منٽ کان بعد واپس موٽيا ته چهري تي پريشاني جا آثار هئا، هيئن لڳي رهيو هو جيئن ڪنهن وڏي سوچ ۾ آهن۔ وڌيڪ حيرت جي اها ڳالھ هئي ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا هٿ ۽ آستين (يعني بازُو) پاڻي سان پسيل هئا، مون کي (يعني مفتي امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي) فرمايائون: ٻيو خشڪ ڪرتو کڻي اچو!

صَدرُ الشَّرِيعَه مفتي امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حيران هئا ته آخِر ڳالهه ڇا آهي؟ پر ظاهر آهي اعليٰ حضرت اعليٰ حضرت آهن، صَدرُ الشَّرِيعَه جا استاد به آهن، صَدرُ الشَّرِيعَه جا پِير به آهن، صَدرُ الشَّرِيعَه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڪمال ادب ڪندا هئا، ان ڪري پڇڻ جي همت نه ٿي۔ بهرحال! پاڻ جلدي وڃي، خشڪ ڪرتو آڻي حاضِر ڪيو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪرتو پائي ٻيهر حديثِ پاڪ پڙھائڻ شروع ڪيائون۔

صَدرُ الشَّرِيعَه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان عجيب ڳالھ سبب مون کي اندر ئي اندر ۾ حيرت ٿي رهي هئي، ان ڪري مون اهو ڏينهن، تاريخ ۽ وقت لکي ورتو۔ ان واقعي جي ٺيڪ 11 ڏينهن بعد ڪجھ ماڻهو آيا، انهن وٽ تحفا سوکڙيون هيون، اهي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا، تفحا پيش ڪيا، اهي ماڻهو ڪجھ دير ترسيا پوءِ واپس موٽڻ لڳا، ته مون انهن کان حال