Book Name:Ala Hazrat Aur Ilm-e-Hadees

احوال ڪيو ته ڪٿي جا رهڻ وارا آهيو؟ هينئر ڪٿان کان اچو پيا ۽ ڪهڙو ڪم هو؟ وغيره ائين انهن کان سوال ڪيم ته انهن ماڻهن ٻڌايو ته اسان فلاڻي تاريخ تي ٻيڙي ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين، اوچتو تيز هوائون هلڻ لڳيون، ان سبب درياءُ جون ڇوليون وڌڻ لڳيون، اسان جي ٻيڙي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، قريب هو ته ٻيڙي ڪلٽي ٿي وڃي ۽ اسان ٻڏي مري وڃون، ان وقت اسان سڀني اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا گھري: ياالله پاڪ! اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صَدقي اسان کي طُوفان کان نجات عطا فرما۔ ان سان گڏ سان باس باسي۔

بَس دُعا گھرڻ جي دَير هئي، اسان تي ڪرم ٿيو، اوچتو هڪ شخص ظاهر ٿيو، ان ڪشتي کي ڇڪي ڪناري وٽ پهچائي ڇڏيو۔ الحمد لله! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وسيلي سان الله پاڪ اسان کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو۔ اها جيڪا اسان باس باسي هئي، اها باس پُوري ڪرڻ جي لاءِ حاضِر ٿيا هئاسين۔([1])

تیرا اُونچا مرتبہ ہے اے امام احمد رضا                 مصطفےٰ کی تُو عطا ہے اے امام احمد رضا

کیوں کریں نہ ذِکْر تیرا حشر تک پیارے بھلا؟       تُو تَو رحمت کی رِضا ہے اے امام احمد رضا

سُنِّیوں کو خوف کیونکر ہو بھلا مَنْجدھار سے              جبکہ تُو ہی ناخُدا ہے اے امام احمد رضا

وضاحت: مَنجدھار يعني دريا جي وچ ۾ جتي پاڻي گھڻو تيز ۽ گِهرو هوندو آهي ۽ ناخُدا جي معني آهي: ٻيڙي هلائيندڙ۔ شعر جو مطلب اهو آهي ته اي اسان جا پيارا امام، امام احمد رضان خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه! اسان عاشِقانِ رسول کي دريا ۾ ٻڏڻ جو خطرو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ ڇوته اسان جي ٻيڙي جي نگهباني اوهان جھڙا عَظِيمُ الشَّان رهنما ڪري رهيا آهن۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...حیاتِ اعلیٰ حضرت، جلد:3، صفحہ:255۔