$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

حرام آهي جڏهن ته عبادت ڪري خوش ٿيڻ بهتر آهي * ناجائِز طريقي سان خوشي ملهائڻ حرام آهي جيئن خوشي سان نچڻ شروع ڪرڻ جڏهن ته جائِز طريقي سان خوشي ڪرڻ عمل سٺو آهي جيئن خوشي ۾ صدقو ڪرڻ وغيره۔

(صراط الجنان ، پارہ : 20 ، سورۃ القصص ، تحت الآیۃ : 76 ، جلد : 7 ، صفحہ : 320)

صَلُّوا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عِلمِ حديث جو شوق

اي عاشقانِ رسول!امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زِندگي مبارڪ جو سڀ کان اَهم پهلو اهو آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڄي زِندگي پياري آقا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي “ احاديث “ جي خدمت ۾ گذاري۔ امام بُخَاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ هڪ ڀيري سُوال ٿيو ته اوهان کي “ عِلۡمِ حديث “ جو شوق ڪيئن ٿيو؟ فرمايائون : منهنجي عُمر 10 سال يا ان کان به گھٽ هئي جو الله پاڪ منهنجي دِل ۾ عِلمِ حديث جو شوق پيدا فرمايو ، بَس تڏهن کان ئي مان حديثون ياد ڪرڻ شروع ڪيون۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 50)

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ابتدائي طالبِ علمي واري دور ۾ ئي 70 هزار حديثون زباني ياد ڪري ورتيون هيون ، 16 سال جي عمر مبارڪ ۾ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه امام اِبنِ مُبَارڪ ۽ عَلَّامه وَڪيع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِما جا ڪتاب زباني ياد ڪري چڪا هئا ، 18 سالن جي عمر مبارڪ ۾ امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مدينه منوره حاضِر ٿيا ۽ مصطفيٰ جانِ رحمت ، شمع بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روضي مبارڪ جي ڇانو ۾ ويهي حديثِ پاڪ جي راوين جي احوال تي مشتمل 9 جلدن ۾ ڪتاب “ التاريخ الڪبير “ لکيو۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 51)

عَلَّامه محمد بن اسحاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : مون آسمان هيٺ محمد بن اسماعيل بُخَاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان وڌيڪ حديث جو ڪو عالِم ۽ حافِظ ناهي ڏٺو ، ايستائين جو چيو ويندو هو : جنهن حديث بابت “ محمد بن اسماعيل بُخاري “ کي خبر ناهي اها حديث ئي نه آهي۔


 

 



$footer_html