Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
وسيلو پيش ڪرڻ اڄ جو نه بلڪ صديون پراڻو طريقو آهي ۽ اهو طريقو ڪنهن پنهنجي مرضِي سان ايجاد ناهي ڪيو بلڪ الله پاڪ پاڻ ئي پنهنجي پاڪيزه ڪلام ، قرآنِ ڪريم ۾ ان جو حڪم ارشاد فرمايو آهي ، سيپاري 6 ، سوره مائِده ، آيت : 35 ۾ ارشاد آهي :
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ (پاره6 ، سورۃالمائدۃ : 35)
ترجموڪنزالايمان : اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو
مشهور مفسر قرآن ، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا : هن مان معلوم ٿيو زِنده بزرگن وٽ ملاقات جي لاءِ سَفر ڪرڻ ، وفات ڪيل بزرگن جي مزارن ڏانهن سَفر ڪري حاضري ڏيڻ ، اتي وڃي انهن جي وسيلي سان الله پاڪ کان دُعا گھرڻ ، اهو سڀ تمام ئي بهتر آهي۔ انهن سڀني سَفَرن جو مآخذ (يعني دليل) اها ئي آيت آهي ، ڇوته اهي سڀئي طريقا به وسيلو ۽ تلاش ئي آهن۔ (تفسیر نعیمی ، پارہ : 6 ، سورۃ المائدہ ، تحت الآیۃ : 35 ، جلد : 6 ، صفحہ : 397ملتقطًا)
مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا : آدم عَلَيۡه السَّلَام کان وٺي حُضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تائين هر دِين ۾ هر اُمَّت جو اهو عقيده رهيو ۽ حضرات صحابه ڪرام کان اڄ تائين تمام مسلمانن جو اهو ئي عقيدو رهيو آهي ته ربّ تَعَاليٰ تائين رسائي جي لاءِ حضراتِ انبيا ، اَوليا بلڪه انهن جا تبرڪات به وسيلو آهن۔ (تفسیر نعیمی ، پارہ : 6 ، سورۃ المائدہ ، تحت الآیۃ : 35 ، جلد : 6 ، صفحہ : 395)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تَعَارُف
پيارا اسلامي ڀائرو! امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن جي مزار شريف تي وڃي ، سندن وسيلي سان دُعا ڪرڻ جي برڪت سان سمرقند وارن کي ڏڪار مان نجات نصيب ٿي ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا وَلِي الله آهن ، ۽ تمام وڏا