Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
تي حاضر ٿيڻ * انهن جي قرب ۾ وڃي ، انهن جي وسيلي سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعائون گھرڻ ، التجائون ڪرڻ * پنهنجي مصيبت ، پريشانيون حل ٿيڻ جي لاءِ مزارن تي حاضر ٿيڻ * ۽ پنهنجون مرادون حاصل ڪرڻ وغيره نئون طريقو ناهي ، الحمد لله اهو اڳوڻي دور کان مسلمانن جو معمول رهيو آهي۔ ڪي نادان اهڙي موقعي تي هيءَ بي وقوفي واري ڳالهه ڪندي چوندا آهن ته الله پاڪ ته هر هنڌ ٻُڌندو آهي ، لهٰذا مزارن تي وڃڻ جي ڪهڙي حاجت آهي؟ اهڙن نادانن جي معلومات جي لاءِ عرض آهي ته الله پاڪ هر هنڌ ٻڌي ٿو يا نه ، هن باري ۾ ته گفتگو آهي ئي نه ، بيشڪ الله پاڪ سَمِيع ۽ بَصِير آهي ، هو هر هنڌ ٻڌي ٿو ، هر هڪ کي ڏسي ٿو ، الله پاڪ جي قدرتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هو ته اونداھي رات ۾ ، ڪاري سياھ چٽان تي ، ڪاري رنگ جي ننڍڙي ڪيۡولي کي ڏسي به ٿو ۽ ان جي دِل جي ڌڙڪن کي به ٻڌي ٿو۔
هن هنڌ ڳالھ الله پاڪ جي ٻڌڻ جي نه آهي بلڪه قبوليت جي آهي ، اسان گنهگار آهيون ، اسان سياھ ڪار آهيون ، نه اسان کي گھرڻ جو سليقو اچي ٿو ، نه اسان وٽ ڪي نيڪيون آهن ، اسان نڪما هن لائق ئي ڪڏهن آهيون جو الله رَبُّ العالمين اسان جي ناقِص التجائن تي رَحمت ڀري نظر ڪري پر اَوۡلياءِ ڪرام الله پاڪ جا مقبول ٻانها آهن ، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ انهن جو بلند مقام ۽ رُتبو آهي ، انهن تي ، انهن جي مزارن تي الله پاڪ جون رحمتون ڇماڇم وسي رهيون آهن ، ان ڪري اسان انهن جي مزارن تي حاضِر ٿي ، انهن جي قُرب ۾ ، انهن جي وسيلي سان دُعائون گھرون ٿا ته يا الله پاڪ! بيشڪ اسان ناڪاره آهيون ، بيشڪ تنهنجي بارگاھ ۾ اسان جي ڪا حيثيت نه آهي پر موليٰ! اسان تنهنجي پاڪ ۽ برگزيده ٻانهن جي قرب ۾ حاضِر آهيون ، انهن جي وسيلي سان اسان تي رَحمت ڀري نظر فرماءِ ، الٰهي! توکي تنهنجي اَوليائن جو واسطو! اسان جون مشڪلاتون آسان فرماءِ۔
دُعائن جي قبوليت ، مشڪلاتن جي حل ۽ مصيبتن کان ڇوٽڪاري جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ انبياءِ ڪرام ، اولياءِ ڪرام ، نيڪ برگزيده ٻانهن جو