Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ٽي خاص عادتون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد مسلمان جي پناھ گاه آهي۔ مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ جي عادت بڻايو ، اِنْ شَآءَ الله! شيطان کان به حفاظت ٿيندي ، گُنَاهن کان به محفوظ رهندا۔ هڪ ٻيو ڪم ڪريو! جڏهن به مسجد ۾ اچو ، ياد ڪري اعتڪاف جي نيت به ڪري وٺو! ان جا ٻه 2 فائدا ٿيندا : پهريون اهو ته جيستائين مسجد ۾ رهندو ، نفل اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو ، ٻيو اهو جو مسجد ۾ کائڻ ، پيئڻ ، سمهڻ ، سحري افطاري ڪرڻ ، دَم ڪيل پاڻي پيئڻ وغيره جائز ناهي ، اعتڪاف جي نيت ڪندا ته ضمناً اهي شيون به جائِز ٿي وينديون.

دُرُود شريف جي فضيلت

فرمانِ آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن ڪتاب ۾ مون تي درودِ پاڪ لکيو ، جيستائين منهنجو نالو ان ۾ رهندو ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دُعا گھرندا رهندا۔

(معجم اَوْسط ، جلد : 1 ، صفحہ : 497 ، حدیث : 1835)

عجب کرم ہے کہ خود مجرموں کے حامی                                       گناہگاروں کی بخشش کرانے آئے ہیں

وہ پرچہ جس میں لکھا تھا دُرُود اس نے کبھی                           یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں

(سامانِ بخشش ، صفحہ : 93-94 ملتقطاً۔ )