$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

عَلَيه السَّلَام پنهنجي اَوۡلاد جي اَوۡلاد کي فرمايو : اي منهنجا پٽؤ! بيشڪ مون اهو ڏٺو جيڪو توهان نٿا ڏسو ، مون اهو ٻڌو جيڪو توهان نٿا ٻڌو ، مون جنّت ڏٺي ۽ پنهنجي رَبّ جو ڪلام ٻُڌو ، جڏهن مون کي جنّت مان زمين تي لاٿو ويو ته الله پاڪ ارشاد فرمايو : اي آدم! جيڪڏهن توهان پنهنجي زبان جي حفاظت ڪندا رهو ته مان اوهان کي ٻيهر جنّت ۾ وٺي ايندس۔

کاش! عادت فضول باتوں کی                  دُور ہو از پئے رضا یارَبّ

واسطہ میرے پیر ومُرْشِد کا                     مجھ کو تُو متقی بنا یارَبّ

صَلُّوا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(۲) : امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لالچ نه رکندا هئا

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ٽن خصوصي عادتن مان ٻي عادت اها آهي ته امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن وٽ موجود شين جي لالچ نه رکندا هئا۔

سُبۡحٰنَ الله! اها به تمام ئي پياري عادت آهي ، امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها پياري عادت هن ڳالھ جو دليل آهي ته امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حَسَد کان پاڪ هئا ، ڇوته عام طور تي حَسَد جي ابتداء لالچ ئي کان ٿيندي آهي ، جڏهن ٻانهي جي دِل ۾ لالچ هجي ته هو ٻين وٽ موجود نعمتن کي حسرت سان ڏسندو آهي ، پوءِ جڏهن ان جي خواهش پُوري ناهي ٿي سگهندي ، ان کي اها نعمت ملي ناهي سگھندي ته هو ڪڏهن حَسَد جو شِڪار ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن ٻانهي جي دِل ۾ لالچ ئي موجود نه هجي بلڪه جيڪو ڪجھ الله پاڪ ان کي عطا فرمايو ، هو ان تي راضِي ٿي وڃي ان جي دِل ۾ ڪڏهن به حَسَد نٿو پيدا ٿي سگھي۔

الله پاڪ اسان سڀني کي حِرۡص ۽ لالچ ۽ حَسَد جهڙي هلاڪت ۾ وجھندڙ باطني بيمارين کان بلڪ تمام باطني بيمارين کان محفوظ فرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الۡاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



$footer_html