Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
زندگی ہو میری پروانے کی صُورت یارَبّ عِلْم کی شمع سے ہو مجھ کو محبت یارَبّ!
دُور دُنیا کا مرے دَم سے اندھیرا ہو جائے ہر جگہ میرے چمکنے سے اُجالا ہوجائے
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه واپاري هئا ۽ پنهنجو مال واپار جي لاءِ “ مُضَاربت “ تي ڏيندا هئا۔ حضرت بَڪر بن مُنِير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻُڌائن ٿا ته هڪ ڀيري امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ واپار جو ڪجھ سامان آيو ، شهر جي واپارين کي خبر پئي ته اهي پاڻ وٽ حاضِر ٿيا ، سامان ڏٺائون ۽ 5 هزار دِرۡهم نفعو ڏئي اهو سامان خريدڻ جي خواهش ڪئي۔ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو : اڄوڪي رات ترسو! اهو جواب ٻُڌي اهي واپاري هليا ويا۔ اڳئين ڏينهن واپارين جو هڪ ٻيو ٽولو آيو ، انهن اهو سامان 10 هزار دِرهم جو نفعو ڏئي خريدڻ جي پيش ڪش ڪئي۔ ان تي امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو : ڪالھ جيڪي واپاري آيا هئا ، مون اهو سامان اُنهن ئي کي وڪڻڻ جي نيت ڪئي آهي ، مان پنهنجي نيت کي بدلڻ پسند نٿو ڪيان۔ پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو سامان پهريان اچڻ وارن واپارين وٽ 5 هزار دِرۡهم جي نفعي تي وڪڻي ڇڏيو۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 64)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان اسان کي 2 مدني گل سکڻ لاءِ مليا۔ پهريون اهو ته واپار ۾ ايمانداري تمام ضروري آهي۔ واپار ، ڪاروبار ، محنت مزدوري وغيره هر قسم جي مَعَاشي ذريعن جو اهو اُصُول آهي ته جيڪو شخص پنهنجي ڪم ۾ جيترو ايماندار هوندو ، اهو پنهنجي ڪم ۾ اوتري ئي ترقي حاصِل ڪندو ، اُن جي ڪم ۾ اوتري ئي برڪت رکي ويندي ۽ جيڪو شخص دُنيا جو مال حرص ۽ لالچ سان ڪمائڻ چاهيندو ، توڙي جو ان وٽ بظاهر مال وڌيڪ اچي وڃي پر ان ۾ برڪت نه هوندي۔ ڏسو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه واپار ۾